راهول گانڌي پاڪستان کي ڀارت کان بهتر قرار ڏئي ڇڏيو

 

نئين دهلي (ويب ڊيسڪ) ڀارت ۾ اپوزيشن اڳواڻ راهول گانڌي بي جي پي حڪومت تي تنقيد ڪندي چيو آهي ته ڪورونا بحران کي منهن ڏيڻ جي معاملي ۾ پاڪستان ۽ افغانستان ته ڀارت کان به وڌيڪ بهتر ثابت ٿيا.

ڪانگريس اڳواڻ راهول گانڌي هڪ طنزيه ٽوئيٽ ڪندي لکيو ته ”بي جي پي حڪومت جي هڪ ٻي ٺوس ڪاميابي، پاڪستان ۽ افغانستان به اسان کان بهتر انداز ۾ ڪووڊ جو مقابلو ڪيو“.

راهول گانڌي ٽوئيٽ ۾ هڪ چارٽ به شيئر ڪيو آهي، جنهن ۾ آءِ ايم ايف طرفان جاري ڪيل جي ڊي پي جا انگ اکر ڏيکاريا ويا آهن.

آءِ ايم ايف جيڪا عالمي اقتصادي آئوٽ لڪ (ڊبليو اي او) جاري ڪئي آهي، جنهن ۾ چيو ويو آهي ته ڀارت ڏکڻ ايشيا جو ٽيون غريب ملڪ بڻجڻ ڏانهن وڌي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.