قاضي احمد: چور ميڊيڪل اسٽور کي کاٽ هڻي 5 لک ويهه هزار رپيا ٻهاري ويا

قاضي احمد شھر مان امن جو پکي اڏامي ويو، وچ شھر ۾ مشھور دمائي ميڊيڪل اسٽور ۽ سپر دمائي جنرل اسٽور کي کاٽ هڻي چور 5 لک ويهه هزار رپيا ٻهاري ويا ، مالڪ جو چوڻ هو ته هو صبح جو جيئن آيا ته دڪان ۾ سامان ٽڙيو پيو هو جڏهن ته باٿ روم وٽان ڇت ۾ کاٽ لڳل هو ، ٻئي پاسي قاضي احمد پوليس پاران چورن جي ڳولا جاري آهي ، هوڏانهن معلوم ٿيو آهي ته اسٽور لائن جو مقرر چوڪيدار ڊيوٽي تان اڪثر غفلت ڪندو رهي ٿو. جنهن جي غفلت جي ڪري اهو واقعو پيش آيو .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.