وزير اعظم جي صدارت هيٺ پارلياماني اڳواڻن جي اجلاس دوران ڇڪتاڻ

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) وزير اعظم جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي اجلاس جو ڇڪتاڻ جي ور چڙهي ويو.

وزير اعظم عمران خان جي صدارت هيٺ پارلياماني پارٽي جو اجلاس ٿيو جنهن ۾ ملڪ اندر وڌندڙ مهانگائي تي ڳالهيون ڪيو ويون.

فوڊ سيڪيورٽي واري وفاقي وزير فخر امام ڪڻڪ جي موجودگي، اگهن ۽ کوٽ جي سببن تي بريفنگ ڏيندي چيو ته ڪڻڪ جي درآمد سان اٽي جي اگهن ۾ واضح گهٽتائي ايندي. وفاقي وزير حماد اظهر کنڊ جي اگهن ۾ واڌ جي سببن ۽ حڪومتي قدمن کان آگاهه ڪيو.

ذريعن موجب اجلاس جي آغاز تي ئي ماحول ڇڪتاڻ وارو ٿي ويو. مراد سعيد چيو ته عطالله ڳالهائيندو پر آزاد چونڊيل ايم اين اي ثناءُ الله مستي خيل پنهنجي سيٽ تي بيهي رهيو ۽ ڳالهائڻ شروع ڪريڇڏيو ته حالتون بهتر ٿيندي نظر نه پيون اچن، عوام هاڻ حڪومتي اڳواڻڻ کي خراب بيضا هڻڻ لاءِ تيار آهن، اسان جي حڪومت جا وزير ۽ صلاحڪار هڪ ٽَڪي جا به ناهن، شهري بجلي ۽ گيس جا بل ڏيڻ جي به قابل ناهن رهيا، ملڪ ۾ خورڪا جو بحران پيدا ٿيندي نظر پيو اچي.

وزير اعظم:

وزير اعظم خان هن کي جواب ڏنو ته ملڪ جون حالتون اسان جي ڪري خراب ناهن ٿيون، جيڪي اڄ جلسا ڪري رهيا آهن انهن کي ملڪ جو ٻيڙو غرق ڪيو آهي، مخالف ڌر بيروزگار آهي ان کي اهميت ڏيڻ جي ضرورت ناهي، آئون چاهيان ته هي روز جلسو ڪن، عوام جي آڏو مخالف ڌر روز بي نقاب ٿي رهي آهي، انهن جي جلسن کان پريشان نه ٿيو، اسان کان وڏا جلسا ڪنهن به ناهن ڪيا، عوام کي پيش مسئلن جو ادراڪ آهي، حماد اظهر ۽ فخر امام کي کنڊ ڪڻڪ جي بحران تي ضابطي جو ٽاسڪ ڏنو آهي، مهانگائي سميت عوامي مسئلن تي جلد ضابطو آڻينداسين.

نور عالم وزير اعظم کي چيو ته توهان جي ٽيم ناقص آهي، پر اڄ اسان توهان سان گڏ بيٺا آهيون، حڪومت تي ڏکيو وقت آهي ان ڪري خدشن جي باوجود اسان گڏ آهيون.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.