ڏهرڪي : ميان مٺو پاران پاڻ تي الزامن خلاف سپريم ڪورٽ وڃڻ جو فيصلو

ڏهرڪي اڳوڻي ايم اين اي عبدالحق عرف ميان مٺو تي هندو ڇوڪرين کي زبردستي مسلمان ڪرڻ واري الزام خلاف سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن دائر ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو ،  ميان مٺو ۽ ميان جاويد احمد پريس ڪلب پهچي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته سينيٽر انوار الله ڪاڪڙ،  سکر جي ڊي آئي جي آفيس ۾ جاچ ڪئي جنهن کي جاچ ڪرڻ جو اختيار پڻ ناهي، جاچ ۾ پوليس آفيسرن ۽ اقليتي برادري کي گهرائي بيان ورتا ويا جڏهن ته اسان کي نه گهرايو ويو، قتل جي جوابدار جو به بيان ورتو ويندو آهي، پر منهنجي خلاف سينيٽر هڪ ڌري رپورٽ تيار ڪري حڪومت حوالي ڪري ڇڏي آهي، منهنجي مٿان وڏو الزام لڳايو ويو، هن چيو ته  هو پنهنجي وڪيلن سان مشورو ڪري سپريم ڪورٽ ۾ پٽيشن دائر ڪرائيندا، هن چيو ته آئين ۽ شريعت مسلمان ڪرڻ جي اجازت ڏئي رهي آهي ته هي ڪير ٿيندا روڪڻ وارا، تنهنڪري ايماندار آفيسرن ۽ ججن جي سربراهي ۾ ڪاميٽي ٺاهي صاف شفاف جاچ ڪرائي وڃي

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.