ميان صاحب ڀرسان سڌايا ۽ سيانچ برادري جي ٻن ڌرين ۾جهيڙو،9 ڄڻا زخمي

ميان صاحب ڀرسان وڪڙو همايون لنڪ روڊ  تي ڳوٺ ميھر علي سڌايو ۾ سڌايا ۽ سيانچ برادري جي ٻن ڌرين ۾ ٻارن جي معمولي ڳالهه تان جهيڙو ٿي پيو جنهن ۾ لٺيون ۽ سروٽا لڳڻ سبب سيانچ برادري جا محمد اسلام سيانچ ، عبدالستار ، عبدالغفار ، خان محمد ،  عبدالله ، عبدالرحمان  شمن سيانچ ۽ سڌايا ڌر جا غلام مرتضي ۽ صابر علي سڌايو زخمي ٿي پيا،  جن کي  همايون پوليس علاج لاء ليٽر ڏئي شڪارپور سول اسپتال اماڻيو،  رابطو ڪرڻ تي  همايون پوليس ٻڌايو ته ڌريون ٻارن جي ڳالهه تي وڙهيون آهن، هوڏانهن سيانچ برادري جي زخمين جو چوڻ آهي ته پلاٽ جي مامري تان مخالفن حملو ڪري انهن کي زخمي ڪيو آهي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.