ڳڙهي خيرو:مين پرائمري اسڪول جي مرمت بهاني لکن جي بجٽ هڙپ

ڳڙھي  خيرو ۾ 1936 کان قائم مين پرائمري اسڪول مرمت جي بھاني ٺيڪيدارن لاء سوني جھرڪي بڻيل آهي،  گذريل ٽن سالن کان ھلندڙ ڪم ۾ اسڪول جي عمارت کي ڊاھي ساڳيو ئي مٽيريل اسٿعمال ڪيو پيو وڃي،  پراڻين سرن ۽ پراڻي لوه جي استعمال سبب ٺھندڙ ڪمرا معصوم ٻارن لاء انٿھائي خطرناڪ ثابت ٿي سگهن ٿا،  اسڪول جي ھيڊ ماستر پاران بار بار شڪايتن باوجود اسڪول جي ڪم ۾ ٿيندڙ مبينا گھوٻين جو ڪير به نوٽيس وٺڻ لاء تيار ناھي ، اسڪول جي هيڊ ماستر ۽علائقي واسين پاران وس  وارن کي اپيل ڪئي وئي آهي ته معاملي جو نوٽيس وٺي شفاف جاچ ڪرائي وڃي .

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.