ڪورونا جي ٻي لهر: فعال ڪيسن جو انگ 9 هزار کان وڌي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) سڄي ملڪ ۾ ڪورونا وائرس جي فعال ڪيسن ۾ واڌ ٿي آهي مريضن جو انگ 9 هزار 421 ٿي ويو جڏهن ته گذريل 24 ڪلاڪن ۾ 7 ڄڻا ڪورونا وائرس جي ڪري فوت ٿي ويا.

نيشنل ڪمانڊ اينڊ آپريشن سينٽر جي تازن انگن اکرن موجب گذريل 24 ڪلاڪن ۾ ڪورونا وائرس جا 659 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا جنهن کان پوءِ سڄي ملڪ ۾ گڏيل ڪيسن جو انگ 3 لک 21 هزار 877 ٿي ويو.

اين سي او سي موجب فعال ڪيسن جو انگ 9 هزار 421 ٿي ويو جڏهن ته هن وقت تائين ڪورونا وائرس ۾ مبتلا 3 لک 5 هزار 835 مريض صحتياب ٿي چڪا آهن. گذريل 24 ڪلاڪن ۾ وڌيڪ 7 فوتگيون رپورٽ ٿيون جنهن کان پوءِ گڏيل فوتين جو انگ 6 هزار 621 ٿي ويو.

سنڌ ۾ مريضن جو انگ 1 لک 41 هزار 249، پنجاب ۾ هڪ لک هڪ هزار 367، خيبرپختونخواهه ۾ 38 هزار 521، اسلام آباد ۾ 17 هزار 781، بلوچستان ۾ 15 هزار 621، آزاد ڪشمير 3 هزار 322 ۽ گلگت بلتستان ۾ 4 هزار 16 انگ ٿي ويو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.