پاڪستان گدلي ترين ملڪن ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) پاڪستان دنيا جي گندي ترين ملڪن جي درجابندي ۾ ٻئي نمبر تي اچي ويو.

پاڪستان ۾ انڊور آئوٽ ڊور هوائي گدلاڻ جي نتيجي ۾ سالياني 1 لک 13 هزار 500 فوتگيون ٿيون آهن جڏهن ته هوائي گدلاڻ سبب ماحول کي سالياني 12.51 بلين آمريڪي ڊالر جو نقصان برداشت ڪرڻو پيو آهي.

مليل مسودي موجب هوائي گدلاڻ جي نتيجي ۾ پاڪستانين جي ڄمار ۾ اڍائي سالن جي ڪٽوتي ٿي آهي، عالمي ايئر ڪوالٽي انڊيڪس رپورٽ 2019ع موجب پاڪستان هوائي گدلاڻ جي اعتبار سان دنيا جو ٻيون نمبر گدلو ترين ملڪ آهي.

موسمياتي تبديلي واري وزارت پاڪستان ۾ هوائي گدلاڻ جي جانچ ۽ ان ۾ بهتري آڻڻ بابت پاڪستان ڪلين ايئر پروگرام 2020ع جو مسودو مرتب ڪيو آهي.

مسودي ۾ چيو ويو آهي ته ورلڊ بينڪ جي رپورٽ 2019ع موجب پاڪستان ۾ سالياني بيمارين ۽ فوتگين جي گڏيل انگ مان 9 سيڪڙو فوتگيون هوائي گدلاڻ سبب ٿي رهيون آهن.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.