انگلينڊ جي هڪ هفتي لاءِ دوري جا به وڏا فائدا ٿيندا: احسان ماني

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ بورڊ جي چيئرمين احسان ماني چيو آهي ته انگلينڊ جو ايندڙ سال جي مُنڍ ۾ هڪ هفتي لاءِ پاڪستان دورو ننڍو قدم ضرور هوندو پر ان جا هاڪاري اثر پوندا.

خانگي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي احسان ماني چيو ته انگلينڊ جي ٽيم مختصر دوري لاءِ پاڪستان اچي ٿي ته اهو هڪ وڏو بريڪ ٿرو هوندو ۽ ان ننڍي قدم جا اثر وڏا پوندا، ان سان ٻين ٽيمن جو پاڪستان تي اعتماد وڌندو.

هن چيو ته انگلينڊ جا 12، 13 رانديگر اڳ ئي پي ايس ايل کيڏڻ لاءِ پاڪستان اچي چڪا آهن، هتي انهن کي ڪو مسئلو نه ٿيو پر سڪون سان رهيا، هاڻ جيڪو دورو ٿيندو، اهو هڪ هفتي جو ٿي سگهي ٿو پر ان جو فائدو اهو آهي ته آسٽريليا کي 2021 جي سيزن لاءِ سولائي ٿيندي.

سندس چوڻ هو ته ان کانپوءِ اهڙي قسم جا دورا ٿيندا رهندا، انگلينڊ جي ٽيم مڪمل دوري لاءِ به پاڪستان ايندي ۽ مان سمجهان ٿو ته ننڍن ننڍن بلڊنگ بلاڪس سان اسان وڏي عمارت بيهاري ڇڏينداسين.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.