روز ويلٽ هوٽل ۽ اسٽيل ملز سميت ٻين ادارن جي نجڪاري فهرست سينيٽ ۾ پيش

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نجڪاري لاءِ 19 ادارن جي فهرست سينيٽ ۾ پيش ڪئي وئي آهي.

سينيٽ ۾ پيش ڪيل نجڪاري فهرست ۾ نيو يارڪ ۾ پي آءِ اي جي ملڪيت هوٽل روز ويلٽ به شامل آهي.

فهرست موجب بلوڪي پاور پلانٽ، حويلي بهادر شاهه پلانٽ، ايس ايم اي بئنڪ، فرسٽ وومين بئنڪ، سروسز انٽرنيشنل هوٽل، جناح ڪنويشن سينٽر ۽ ماڙي پيٽروليم کي به نجڪاري فهرست ۾ شامل ڪيو ويو آهي.

پاڪستان اسٽيل ملز، پاڪستان انجنيئرنگ ڪمپني، سنڌ انجنيئرنگ لميٽيڊ، هائوس بلڊنگ فنانس ڪارپوريشن، او جي ڊي سي ايل، پاڪستان پيٽروليم لميٽيڊ، گڊو پاور پلانٽ، نندي پور پاور پلانٽ ۽ اسٽيٽ لائف انشورنس ڪارپوريشن کي به نجڪاري فهرست ۾ رکيو ويو آهي.

سينيٽ ۾ نجڪاري فهرست پيش ڪرڻ تي اپوزيشن ايوان ۾ شيم شيم جا نعرا هنيا.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.