اسلام آباد وڃڻ جي ضرورت نه پوندي، حڪومت اڳ ئي هلي ويندي: بلاول ڀٽو زرداري

 

لاله موسيٰ (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته جيڪڏهن اسان هن هٿ ٺوڪي، نالائق، سليڪٽڊ ۽ نااهل حڪومت کي تسليم ڪنداسين ته اها پاڪستاني عوام سان ناانصافي هوندي.

لاله موسيٰ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي بلاول ڀٽو زرداري چيو عمران خان ته چوندو هو جيڪڏهن اپوزيشن جلسا ڪندي ته ڪنٽينر به فراهم ڪندس پر ان کان ته هڪ جلسو به برداشت نه پيو ٿئي، گوجرانوالا جلسي ۾ شرڪت ڪندڙ ڪارڪنن جا رستا روڪيا پيا وڃن ۽ اڳواڻن کي گرفتار ڪيو پيو وڃي، ڪارڪنن تي ظلم ۽ گرفتارين جي مذمت ڪيون ٿا.

هن چيو عمران خان چاهي ٿو ته پارليامينٽ ان جي جلسي گاهه بڻجي وڃي پر عمران خان ڪَن کولي ٻڌي ڇڏي ته عوام جي جذبن کي قيد نٿو ڪري سگهجي، پاڪستاني عوام غلام نه آزاد شهري آهي، انهن کي عوام جو مينڊيٽ ۽ عوام جي طاقت مڃڻي پوندي.

سندس چوڻ هو ته عوام جي مسئلن جي حل لاءِ جمهوريت جي بحالي ضروري آهي ۽ اميد ڪيون ٿا ته عمران خان عوام جي مطالبي تي ملڪ ۾ جمهوريت بحال ڪندو، گوجرانوالا ۾ عوامي سمنڊ جواب ڏيندو ته هاڻ هن هٿ ٺوڪي، نالائق ۽ سليڪٽڊ حڪومت کي وڃڻو پوندو.

پ پ چيئرمين موجب اسان سڀني مسئلن جو جمهوري طريقي سان حل چاهيون ٿا ۽ ڌانڌلي جي صورت ۾ احتجاج به اسان جو جمهوري، آئيني حق آهي، جنهن کي استعمال ڪري رهيا آهيون، انشاءَ الله اسلام آباد وڃڻ جي ضرورت ئي نه پوندي، ان کان اڳ ئي هيءَ حڪومت هلي ويندي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.