”ٽائيگر فورس کي ڪشمير موڪلي جهاد ڪرايو وڃي“

لاهور(ويب ڊيسڪ) جماعت اسلامي جي امير سراج الحق جو چوڻ آهي ته ٽائيگر فورسز کي ڪنٽرول نٿي ڪري سگهي، انهن کي ڪشمير موڪلي جهاد ڪرايو وڃي.

سينيٽر سراج الحق جو چوڻ آهي ته ڪنهن جي قدمن جي آهٽ آهي جو اسلام آباد کي ڪنٽيرن سان ڀري ڇڏيو آهي. ٽائيگر فورس اگهن کي ڪنٽرول نٿي ڪري سگهي، ان کي ڪشمير موڪلي جهاد ڪرايو وڃي.

منصوره ۾ ملي يڪجهتي ڪونسل جو اجلاس ٿيو. پڌرائي کان پوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي جماعت اسلامي جي امير سراج الحق چيو ته مهانگائي عوام جي برداشت کان ٻاهر نڪري چڪي آهي، عمران خان نوٽيس وٺڻ بند ڪري. جنهن به شئي جو نوٽيس ٿو وڃي ان جا اگهه عوام جي پهچ کان ٻاهر ٿا نڪري وڃن، سينيٽر سراج الحق جو چوڻ هو ته مخالف ڌر جو احتجاج ڪرڻ هن جو حق آهي پر تشدد ڪرڻ ۽ رنڊڪون وجهڻ غير جمهوري انداز آهي.

جماعت اسلامي جي امير جو چوڻ هو ته عالمي سازش جي تحت پاڪستان ۾ فرقيواراڻن فسادن کي هوا ڏني پئي وڃي. مولانا عادل خان جو قتل به انهيءَ سازش جو حصو آهي. مولانا عادل جي قاتلن کي گرفتار ڪيو وڃي. ڪشمير تي حڪومت جي پاليسي افسوس جوڳي آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.