اين آر او ڏئي پنهنجي زندگي آسان بڻائي سگهان ٿو پر اهو ملڪ لاءِ تباهي آهي: وزيراعظم

 

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته ڦورن کي اين آر او ڏئي زندگي آسان ٿي ويندي پر اهو ملڪ لاءِ تباهي جو رستو آهي، جيڪو مان نٿو ڪري سگهان.

نسٽ اسلام آباد ۾ ڪارڊيڪ اسٽنٽس جي پروڊڪشن يونٽ جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي وزيراعظم عمران خان چيو ته مقامي سطح تي ڪارڊيڪ اسٽنٽ جي تياري اهم اڳڀرائي ۽ سٺو سنئوڻ آهي، دنيا ۾ گهٽ ملڪ آهن، جيڪي پنهنجا اسٽنٽ ٺاهي رهيا آهن، بدقسمتي سان ادارن ۾ ڪوآرڊينيشن گهٽ نظر آئي آهي، حڪومت سنڀالي سين ته برآمد جي ڀيٽ ۾ درآمد تمام وڌيڪ هيون.

هن چيو قومون طئي ڪنديون آهن ته اسان کي ڪاڏي وڃڻو آهي، بدقسمتي سان اسان جو نظريو مَيرو ٿي ويو آهي، اهي ننڍي سوچ هوندي آهي ته پئسو ٺاهڻو آهي، اسان سدائين آسان رستي ڏانهن وڃڻ پسند ڪندا آهيون، منهنجي سامهون به آسان ۽ ڏکيا رستا آهن.

سندس موجب سمورا ڦورو گڏ ٿي ويندا آهن ته معاف ڪيو ۽ اين آر او ڏئي سمجهوتو ڪيو، اهو آسان رستو آهي، جنهن سان زندگي آسان ٿي ويندي ۽ اسان پارليامينٽ ۾ به آرام سان تقريرون ڪنداسين، باقي 3 سال به گذري ويندا پر اهو تباهي جو رستو آهي، بهتري جو رستو آسان ناهي هوندو ۽ ڏکيا فيصلا ئي توهان کي اڳتي وٺي ويندا آهن، هن وقت ملڪ صحيح رستي تي هلي رهيو آهي.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.