حڪومت کي ڊسمبر نصيب نه ٿيندو: فضل الرحمان

 

لاهور (ويب ڊيسڪ) اپوزيشن جماعتن جي اتحاد پي ڊي ايم جي سربراهه مولانا فضل الرحمان چيو آهي ته هاڻ حڪمران اسان کان اين آر او گهري رهيا آهن پر اسان انهن کي اين آر او نه پيا ڏيون.

لاهور ۾ صحافين سان ڳالهائيندي جي يو آءِ سربراهه چيو ته ڪنهن سان ذاتي دشمني ناهي، موجوده پارليامينٽ چونڊيل پارليامينٽ ناهي، اها عالمي اسٽيبلشمينٽ جي سازشن سان آئي آهي، جنهن سبب عوام معاشي ڏکيائين جو شڪار آهي، تحريڪ جي شروعات اڄ گوجرانوالا کان ٿيندي.

هن چيو ته اسان هڪ ناجائز پارليامينٽ کي هٽائڻ لاءِ نڪتا آهيون، موجوده حالتن مان اندازو لڳائي سگهجي ٿو ته حڪومت کي ڊسمبر نصيب نه ٿيندو، هاڻ حالتون تبديل ٿي چڪيون آهن، هاڻ حڪمران اين آر او گهري رهيا آهن ۽ اسان نه پيا ڏيون.

سندس چوڻ هو ته ڳالهه ان هائوس تبديلي کان اڳتي نڪري وئي آهي، ملڪ ۾ عام چونڊون ٿيڻ گهرجن ۽ عوام کي پنهنجا اڳواڻ پاڻ چونڊڻ جو حق ملڻ گهرجي.

فضل الرحمان چيو ته عهدن لاءِ نه پر مقصد لاءِ تحريڪ جو حصو آهي، جيترو سياسي عمل کي طاقتور بڻائينداسين ايترو فرقي واريت ختم ٿيندي، سياسي عمل ئي فرقيواريت کي ڪنٽرول ڪري سگهي ٿو، نفرتن سان رتوڇاڻ ٿيندي ۽ پشيماني کانسواءِ ڪجهه نه ملندو.

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.