آءِ بي اي ڪراچي ۾ ايڊوائيزري بورڊ جي گڏجاڻي

ڪراچي (پ ر) آءِ بي اي جي ڪراچي واري ڪئمپس جي ڪيريئر ڊولمپينٽ سينٽر سي ڊي سي پاران ڪوآپريٽ ليڊرس ايڊوائيزري بورڊ جي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي، جنهن ۾ 40 کان وڌيڪ تنظيمن جي سربراهن، اڳواڻن ۽ نمائندن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي جي صدارت آءِ بي اي جي اي جي ايگزيڪٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽري ايس اڪبر زيدي ڪئي. گڏجاڻي جي ايجنڊا آءِ بي اي جي گرئجوئيٽس ۽ تعليمي پروگرامن جي معيار بابت ملندڙ فيڊ بيڪ جو جائزو وٺڻ هو. ڪوآپريٽ رليشنز جي ملهت اعواڻ امپلائير فيڊبيڪ پيش ڪيو. ان موقعي تي ڊاڪٽر زيدي چيو ته هن گڌجاڻي جو بنيادي ۽ اهم مقصد هڪڙو ئي آهي، جيڪو آهي ته اسان پنهنجو جائزو وٺون. هن چيو ته اسان کي ڏسڻو پوندو ته اسان ڪٿي بهتر آهيون ۽ ڪٿي بهتر ناهيون، جتي اسان پاڻ کي بهتر ڪيون. هن چيو ته اسان کي پنهنجي تعليمي معيار کي وڌائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکڻيون پونديون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.