سنڌ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضا برداشت نه ڪنداسين: رجب علي رند

حب(ن ع آ) نيشنل پارٽي جي مرڪزي نائب صدر رجب علي رند، بزرگ اڳواڻ حاجي وزير رند، پنجاب جي سردار ربنواز رند، ضلعه لسٻيله جي صدر عبدالغني رند، نظام الدين رند، خورشيد علي رند، واجه عبدالغني رند، روشن علي جتوئي، علي دوست رند، جان محمد پلال، فقير محمد مٺل، نويد لاڏله، ظفر ڊومڪي،نعيم ڪاشاني ٽڪري، عبدالحڪيم رند، نيشنل پارٽي گڏاڻي جي صدر جان محمد بلوچ جي والد جي وفات تي تعزيت ڪئي، ان موقعي تي اڳواڻن چيو ته سنڌ ۽ بلوچستان جي ٻيٽن تي قبضا ٿي رهيا آهن، سنڌين ۽ بلوچن کي متحد ٿي سازشن کي ناڪام بڻائڻو پوندو، هنن چيو ته صوبن جي وسيلن تي قبضا ارڙهين ترميم جي روح جي خلاف آهن، اسان ان کي رد ڪريون ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.