سانگهڙ ۾ 12 ربيع الاول جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪرڻ جو فيصلو

سانگھڙ (ڊ ر)سانگهڙ ۾ 12 ربيع الاول عقيدت ۽ احترام سان ملهائڻ جي سلسلي ۾ سيڪيورٽي جا فول پروف انتظام ڪرڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي جڏهن ته سڄي ضلعي ۾ سمورين سرڪاري توڙي خانگي عمارتن. مسجدن ۽ گهرن  تي چراغان پڻ ڪيو ويندو. ان سلسلي ۾ اڄ هڪ اهم گڏجاڻي ڊپٽي ڪمشنر سانگهڙ ڊاڪٽر عمران الحسن خواجا جي صدارت هيٺ سندس آفيس ۾ ٿئي گذري جنهن ۾ ايس ايس پي سانگهڙ عثمان غني. قانون لاڳو ڪندڙ ادارن جي اهلڪارن. ضلعي جي سمورن عملدارن. مذهبي تنظيمن سول سوسائٽي جي نمائندن شرڪت ڪئي. گڏجاڻي کي ٻڌايو ويو ته ربيع الاول جي ڀلاري مهيني دوران سڄي ضلعي ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويندا. جڏهن ته سمورين شهرن ۾ صفائي سٿرائي جا پڻ جوڳا اپاءُ ورتا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.