سچل ڳوٺ ۾ ريزيڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن جي گڏجاڻي، مسئلن جي حل بابت غور ويچار

گلشن اقبال (ن ع آ)سچل ڳوٺ ريزيڊنٽس ويلفيئر ايسوسيئيشن ايڊھاڪ مرڪزي ڪاميٽيءَ جي آرگنائيزر تاج محمد وساڻ جي اڳواڻي ۾ سچل ڳوٺ جي بلاڪ سي جي سڄاڻ ساٿين جي دعوت تي گڏجاڻي ڪوٺائي وئي. گڏجاڻيءَ ۾بلاڪ ڪاميٽيءَ جي نئين سر جوڙجڪ ڪئي وئي. بلاڪ سي جي اھم مسئلا جھڙوڪ پيئڻ جي پاڻي جي کوٽ، سيوريج لائين جو بوسيده نظام، گھٽين جي صفائي سٿرائي، ماھوار فنڊ جي وصولي وغيره تي بلاڪ جي نمائندگي ڪندڙن ڳالھايو. انھن مسئلن جي حل لاءِ پنھنجي مدد پاڻ تحت ڪم ڪرائڻ لاءِ ھر ھڪ گھٽي مان ٽي ٽي ساٿي ملي ڪري ڪم ڪندا. ڪجهھ اھم فلاحي ۽ ترقياتي  ڪم حڪومت سنڌ جي مدد سان حل ڪرڻ لاءِ غور ويچار ڪيو ويو. گڏجاڻيءَ جي ڪارروائي بلاڪ جي وقتي صدر علي اڪبر مغير ھلائي، گڏجاڻيءَ جي ميزباني عبدالحفيظ جماڻي  ڪئي. بلاڪ ڪاميٽيءَ جي عھديدارن، ظھور احمد شيخ، ابراهيم ڀٽو، ديدار گوپانگ، وحيد شيخ ۽ ٻين شرڪت ڪئي. جڏهن ته مرڪزي ڪاميٽيءَ جي نمائندگي آرگنائيزر تاج محمد وساڻ سان گڏ ثناءُالله  راڄڙ، مير حسن چانڊيو،  غلام سرور جوکيو ۽ محمد رفيق کھڙو ڪئي. گڏجاڻيءَ۾ الھداد گوپانگ ۽ عبدالڪريم چانڊيو خصوصي مھمان طور شرڪت ڪئي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.