اڪري ۾ جهيڙي جا جوابدار گرفتار نه ڪرڻ خلاف احتجاج

اڪري چودڳي (ن ع آ ) چار ڏينهن اڳ اڪري ڀرسان ڳوٺ محمد حيات بلادي ۾  بلادي برادري ۾ زمين جي تڪرار تان ٿيل جهيڙي جا جوابدارن گرفتار نه ٿيڻ خلاف متاثر ڌر جي  علي مدد،ارشاد علي،وسيم عباس  بلادي ۽ جهيڙي ۾  زخمي ٿيل محمد امين بلادي  ۽ ٻين پريس ڪلب اڪري پهچي احتجاج ڪندي چيو ته سلام بالادي وارن کان 1988۾ 9 ايڪڙ زمين خريد ڪئي ان خريداري جا اسان وٽ دستاويز پڻ موجود آهن،  ان وقت زمين زرعي بئنڪ ۾ گروي هئي اسان پئسا ڀري آزاد ڪرائي ۽ هنن کان زمين جو کاتو ڪري ڏيڻ جو چوندا رهياسين پر سلام بلادي واري ڌر ٽال مٽول ڪري ٽاريندي رهي ڪجهھ ڏينهن اڳ  جڏهن اسان زمين ۾ هر ڪاهڻ لڳا سين ته هرهڪ عطا حسين بالادي ،فوجي قلندربخش ،ميهر علي،جميل حسين،حاجي خان،ٻاجهي خان اعجاز علي ۽ تاج محمد بلادي لٺيون ڪهاڙيون کڻي حملو ڪيو اسان جي هڪ همراھ کي ڪهاڙيون هڻي زخمي ڪيو جڏهن ته گهر کي پڻ باھ ڏيڻ جي ڪوشش ڪئي محمد شاھ اسٽاپ تي اسان جي هوٽل تي قبضو ڪري ورتو آهي هوٽل بند ڪري ڇڏيو آهي اسان بيروز گار ٿي گهر ويهجي ويا يس ايس پي خيرپور ۽ ٻيا  وس وارا تحفظ ڏين،

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.