ٺٽي ۾ گرلس فُٽبال مئچ، ڪراچي جي ٽيم ميدان ماريو

ٺٽو(ڊ ر)ٺٽي ۾ پهريون ڀيرو گرلس فُٽبال جي مئچ مڪلي جي فٽبال گرائونڊ تي کيڏي ويئي. وومين فٽبال ڪلب ڪراچي ۽ گرلس پاور ڊينمارڪ جي تعاون سان مشتاق خشڪ ميموريل فٽبال گرائونڊ مڪلي تي 3 ڏينهن جي گرلس فٽبال ڪوچنگ ڪئمپ جي پڄاڻي تي مئچ منعقد ڪيو ويو، جنھن ۾ وومين فٽبال ڪلب ڪراچي ۽ مهراڻ وومين فٽبال ڪلب ٺٽو وچ ۾ نمائشي مئچ ٿيو، پهريون ڀيرو مڪلي تي منعقد ٿيل وومين فٽبال مئچ وومين فٽبال ڪلب ڪراچي جي ٽيم هڪ جي مقابلي ۾ 2 گول ڪري کٽي ورتو، ڪوچنگ ڪئمپ جي پڄاڻي تي شاندار راند جو مظاهرو ڪندڙ عورت رانديگرن ۾ شِيلڊ ۽ سرٽيفڪيٽس ورهايا ويا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.