چيلهار ۾ اقليتي برادري جا عبادت گاهه سهولتن کان محروم

چيلھار (ن ع آ)چيلھار جي ڀيرو مھراج، جوئارو مھراج، ڪانجي سوٽھڙ، ڪيلاش ڪمار، وشنو روي شنڪر ۽ ٻين ڪيترن ئي اقليت برادري سان تعلق رکندڙن سياسي سماجي اڳواڻن ۽ شهرين عوامي آواز کي ٻڌايو آهي ته جڏھن ته بجيٽ پيش ڪئي وڃي ٿي تي اقليتن جي نالي واري ڪروڙن جي انگ اکر واري جي تعداد کان ٻڌائي وڃي ٿي پر استعمال ڪٿي ٿئي ٿي ان جي خبر نٿي پوي شھر جا جيڪي مندر آھن جنھن ۾ شو ڀولي ناٿ مندر چيلھار جنھن جي عمارت ڪريڪ ٿي وئي آھي پوڄاري خوف ۾ عبادت ڪن ٿا شھر جو ھنگلاج ماتا مندر جنھن جي چارديواري مندري جو ڪمرو در دريون حال سميت ٻيو ڪم نه ٿي سگھيو آھي، راماپير مندر جي زمين تي سي سي روڊ نه ٺھي سگھيو آھي. درگاھ ماتا مندر جو ترقياتي ڪم نه ٿي سگھيو آھي جنھن ڪري اقليتي برادري وڏي انگ ۾ پريشان بڻجي وئي آھي.ٻئي طرف ڳوٺ چاڙھيار جي رھواسي گھيمرو ڀيل چيو ته منھنجو شو مندر ڊاھي مونکي حراسمينٽ ڪري رھيا آھن مون ھاءِ ڪورٽ ۾ ڪيس داخل ڪيو آھي پر اقليتي نمائينده ڊاڪٽر کٽومل جيوڻ، راڻا ھمير سنگھ، ڊاڪٽر مھيش ملاڻي، لال مالھي ۽ پاڪستان ھندو ڪائونسل وارا منظر عام تان ئي گم آھن نه مندرن جو مرمتي ڪرائين نه وري ٺھيل مندرن کي تحفظ ٿا ڏين ٿا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.