ٿر مان 18 آڪٽوبر تي جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سوين گاڏين جا قافلا نڪرندا: پ پ اڳواڻ

مٺي (ڊ ر) پ پ ضلعي ٿرپارڪر 18 آڪٽوبر واري ڪراچي ۾ رٿيل جلسي کي ڪامياب بڻائڻ لاءِ سرگرام ٿي ويئي آهي. اُنهي سلسلي ۾ پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي،پ پ يوٿ ونگ ڊويزنل صدر سُشيل ملاڻي، ڪامريڊ ننڌلال مالهي،نواز باغي، سراج سومرو ۽ الهبخش هنگورجو اسلام ڪوٽ پهچي گڏجاڻيون ڪيون ۽ 18 آڪٽوبر تي ٿر مان سوين گاڏين جا قافلا جلسي تائين ڪڍڻ جو اعلان ڪيو ويو آهي. اُنهي سلسلي ۾ پريس ڪلب اسلام ڪوٽ ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي پ پ ايم پي اي فقير شير محمد بلالاڻي، يوٿ ونگ ڊويزنل صدر سُشيل ملاڻي، ضلعي انفارميشن سيڪريٽري ننڌلال مالهي چيو ته 18 آڪٽوبر وارو جلسو عمران نيازي جي دماغ ۾ آخري ڪِلي ثابت ٿيندو، ٿر مان سوين گاڏين جا قافلا نڪرندا،عمران نيازي مهانگائي جو بم ڪيرائي ماڻهن کان جيئڻ جو حق به کسي ورتو آهي، ماڻهو مهانگائي سبب خودڪشيون ڪرڻ تي مجبور آهن پر عمران خان جا ڪيل سمورا واعدا ڪوڙا ثابت ٿيا آهن،وفاقي حڪومت اين ايف سي ايوارڊ سميت سمورن معاملن ۾ سنڌ سان زيادتيون ڪري رهي آهي،سنڌ جا پئسا روڪيا ويا آهن،سنڌ گئس، بجلي، تيل سميت هر وسيلا ڏي ٿو پر عيوض ۾ سنڌ کي ڪجھ به نه ٿو ملي، هنن چيو ته ٻيٽن جي معاملي تي پ پ جو واضع موقف اچي چڪو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.