ڀان ۾ ٽي اي او مختلف اسڪولن جا دورا ڪيا، ٻارڙن کي ڪرونا بابت آگاهي

ڀان سيدآباد (ن ع آ)  تعلقي ايجوڪيشن آفيسر سيڪنڊري (ميل) سيوهڻ عبدالستار ميمڻ طرفان لوئر سيڪنڊري اسڪول سيد مراد علي شاهه، هاءِ اسڪول بوبڪ، مڊل اسڪول عالم جيهيجو، مڊل اسڪول پڪا چنا ۽ ٻين اسڪولن جا اوچتا دورا ڪيا ويا، جنهن دوران ٽي اِي او تدريسي عمل توڙي ايس او پيز تي عملدرآمد جو جائزو ورتو، ٽي اي او عبدالستار ميمڻ اسڪولن جي عملي جي حاضري چيڪ ڪئي ۽ ڪلاسن جا دورا ڪري شاگردن کان تدريسي ۽ انتظامي ڏکيائين بابت پڇا ڪئي، ٽي اي او عبدالستار ميمڻ استادن ۽ شاگردن کي مخاطب ٿيندي چيو ته ڪورونا وائرس کان بچڻ لاءِ احتياطي تدبيرن تي سختيءَ سان عمل ڪيو وڃي، ٻارن جي صحت تي ڪوبه سمجهوتو نه ڪيو ويندو، ، ان موقعي تي لوئر سيڪنڊري اسڪول سيد مراد علي شاهه جو هيڊ ماستر سيد لال بخش شاهه ۽ ٻيا پڻ گڏ هئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.