ملير ۾ نوان جتوئي جي سماجي اڳواڻ جون قبضا مافيا خلاف دانهون

ملير (ڊ ر) نوان جتوئي شهر جي سماجي اڳواڻ منير احمد کوسو، منصف کوسو ۽ حيدر  کوسو ملير پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي چيو آهي ته بااثر ماڻهن شهر نوان جتوئي کان کوسا محلي ۽ مختلف ڳوٺن ڏانهن ويندڙ مک رستي تي غير قانوني سيوريج نالي جي اڏاوت ڪري  رستي تي  قبضو ۽ ان قديمي  ڊرينيج کڏ کي پنهنجي قبضي ۾ آڻي  وڪرو ڪرڻ جي سازش ٿي رهي آهي،  جڏهن ته ان قديمي  کڏ ۾  برساتن ۽ پس گردائي جو ڊرينيج نيڪال طور استعمال ٿيندڙ  کڏ سرڪاري  ملڪيت آهي، هنن الزام هڻندي چيو ته بااثر ماڻهن نوان جتوئي شهر ۾ مختلف ناجائزيون ۽ سرڪاري زمينن تي قبضا ڪرڻ بعد هاڻ فلاحي ڪمن لاءِ پيل پلاٽن ۽ سرڪاري زمينن تي قبضا ڪري رهيا آهن، .هنن چيو ته  سال 2018 ۾ ڳوٺ علي محمد کوسو رستو ڊاهرايو ويو، انهي ڳوٺ جون گيس لائنون پٽرائي ختم ڪرايون ويو  ان کان علاوه  واٽر سپلائي جي لائنن تي به قبضو ڪيو ويو، مشرف دور  پارڪ لاءِ الاٽ ڪيل اسڪيم واري زمين کي  غيرقانوني وڪرو ڪري بلڊر کي وڪرو ڪئي وئي، ڳوٺن جو مک رستو استعمال ٿيندڙ هو جنهن ڳوٺن جي مختلف ذاتين جو نياڻيون گرلس اسڪول وينديون هيون رستو بند ٿيڻ جي صورت ۾  ڪيتريون ڇوڪريون تعليم حاصل ڪرڻ کان محروم ٿي ويون آهن، هنن وس وارن کي اپيل ڪئي ته معاملي جو نوٽيس وٺي  انصاف ڏياريو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.