صابڻ سان هٿ ڌوئڻ جو پيغام پکيڙڻ جي ضرورت آهي: مقرر

ڪراچي (پ ر) صابڻ سان هٿ ڌوئڻ سان اسين دنيا جي وڏي آباديءَ کي بيمارين کان بچائي سگهون ٿا، هن پيغام کي گهر گهر پهچائڻ وقت جي ضرورت بڻجي چڪو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هينڊز جي چيف ايگزيڪيوٽو ڊاڪٽرشيخ تنوير احمد هينڊز پاران هٿن ڌوئڻ جي عالمي ڏينهن ته منعقد تقريب کي صدارتي خطاب ڪندي ڪيو. هن چيو ته هينڊز پاران ملڪ جي ڪنڊ ڪڙڇ تائين صحت جا پيغام پهچائڻ جو ڪم سرانجام ڏنو پيو وڃي ۽ عوام ۾ صحت بابت شعور پکڙجي رهيو آهي.  هينڊز جي چيئرمين محمد سعيد اسماعيل چيو ته ملڪ ۾ هر سال لکين ماڻهو غيرصحتمند پاڻي واپرائڻ ۽ هٿن جي صفائي نه ڪرڻ ڪري موت جو کاڄ بڻجي وڃن ٿا ان ڪري هينڊز انهن مسئلن تي اوليت جي بنياد تي ڪم ڪري رهي آهي.  هينڊز جي وائيس چيئرمين علي حسين چيو ته هر پاسي کان صحت ۽ صفائي جي حوالي سان ڪم ٿي رهيو آهي جلد اسين ماڻهن ۾ اها ڳالهه ذهن نشين ڪرائڻ ۾ ڪامياب وينداسين ته صحتمند زندگي جو دارومدار صابڻ سان هٿ ڌئڻ ۾ آهي. تقريب کي عمران شامي، خرم ارسلان، غلام مصطفيٰ زئور، ايم پي اي سنڌ اسيمبلي ۽ پارليماني صحت ڪميٽيءَ جي سيڪريٽري محمد قاسم سومرو، هينڊز جي جنرل مئينيجر احمد دايو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو، تقريب ۾ اسڪولي ٻارڙن هٿن ڌوئڻ جي حوالي سان ٽيبلو پيش ڪيا ۽ شرڪت ڪندڙ ٻارڙن جي جوش ۽ ولولي کان تمام گهڻو متاثر ٿيا. هن تقريب ۾ ڪيترن ۽ سول سوسائٽيءَ سان لاڳاپيل ماڻهن شرڪت ڪئي ۽ پروگرام بابت پنهنجي ويچار ونڊيا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.