جان محمد سوسائٽي لڳ هٿ ڌوئڻ جي ڏهاڙي تي ريلي

جان محمد سوسائٽي (رپورٽ اسلم مھر)جان محمد سوسائٽي ويجھو صافڪو اداري طرفان يوسي قاضي بادل مھر جي مختلف اسڪولن گورنمينٽ پرائمري اسڪول جان محمد سوسائٽي،گورنمينٽ مڊل اسڪول قاضي بادل مھر ۾ (ھٿن ڌوئڻ جو عالمي ڏينھن) ملھايو ويو،شاگردن ۾ صابڻ ورھايا ويا ۽ شاگردن پڻ ريلي ڪڍي،صافڪو اداري طرفان يوسي قاضي بادل مھر جو انچارج فرمان علي شاگردن کي ھٿ ڌوئڻ جو صحي طريقو سيکاريو، ۽ صفائي ڪرڻ جو طريقو سيکاريو، پنھنجي گھرن سان گڏوگڏ پنھنجي رستن ۽ اسڪول کي صاف ڪريو ،ھٿن ڌوئڻ جو عالمي ڏھاڙو جي موقعي فرمان علي ڳالھائيندي چيو ته اڄ گلوبل ھٿن ڌوئڻ جو عالمي ڏھاڙو آھي جيڪو اسڪول ۾ استادن جي تعاون سان صافڪو طرفان ملھايو ويو آھي.  شاگردن کي گھرجي ته پنھنجا ھٿ سھي طريقي سان صاف رکن جيئن جراثيمن کا پاڪ ھجن ھٿ صاف ڪرڻ سان بيماريون گھٽ ٿينديون ۽ ٻار صحتمند رھندا ،ان موقعي تي اسڪول جا استاد عبدالحميد ،استاد گلزار احمد چنو،استاد محمد عارف مھر عارف ،مير احمد منگي،عامرمنگي،غلام رسول مھر پڻ موجود  ھئا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.