لاڙڪاڻي ۾ استاد جو شاگرد تي تشدد، احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي جي اسڪول ۾ گوڙ ڪرڻ تان استاد مبينا طور 7 ڪلاس جي شاگرد کي منهن ۾ لڪڻ هڻي زخمي ڪري ڇڏيو،  زخمي شاگرد احتجاج ڪندي استاد خلاف ڪاروائي جي گهر ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه لاڙڪاڻي شهر جي ليڊيز جيل روڊ واري علائقي جي رهواسي، گورنمينٽ ميونسپل هائير سيڪنڊري اسڪول جي 7 درجي جي 12 ورهين جي شاگرد فرقان گاد استاد طرفان مبينا تشدد جو نشانو بڻائڻ واري عمل خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن صحافين آڏو دانهيندي چيو ته آءُ گورنمينٽ ميونسپل هائير سيڪنڊري اسڪول ۾ 7 درجي ۾ تعليم حاصل ڪندو آهيان، ڪلاس ۾ موڪل کان اڳ ڪلاس ٽيچر رياض احمد بلوچ ٻه پيرڊ ورتا. هن الزام لڳايو ته ڪلاس ۾ آخري پيرڊ دوران آءُ جيئن پنهنجي ڪاپي کولي فيئر ڪرڻ جي ڪوشش پئي ڪئي ته ان دوران ڪلاس ٽيچر رياض احمد بلوچ مون کي لڪڻ هنئي نتيجي ۾ منهنجي اک جو هيٺيو حصو ۽ پيشاني مان رت وهڻ شروع ٿيو ان بعد آءُ گهر آيس. هن چيو ته اسان جو ڪلاس ٽيچر انتهائي سخت طبيعت جو آهي جنهن جون اڳ به شڪايتون آهن جيڪو شاگردن سان بداخلاقي سان پيش اچي ٿو جنهن مون کي تشدد جو نشانو بڻائي وڏي ناانصافي ڪئي آهي. هن اسڪول انتظاميه کي اپيل ڪئي ته ڪلاس ٽيچر رياض احمد بلوچ خلاف قانون موجب ڪاروائي ڪري مون کي انصاف فراهم ڪيو وڃي. هوڏانهن رابطي ڪرڻ تي اسڪول جي ايف اي علي حسن کوکر ٻڌايو ته اسڪول ۾ معصوم ٻارڙا تعليم حاصل ڪرڻ ايندا آهن ساڻن اهڙو رويو اختيار ڪرڻ سان ٻار ذهني طور مفلوج ٿي وڃي ٿو ان لاءِ مون معاملي جو نوٽيس وٺي ڇڏيو آهي اڄ استاد کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويندو جنهن جو مطمئن ڪندڙ جواب نه ملڻ تي تعليم کاتي جي اعليٰ عملدارن کي گذارش ڪئي ويندي ته کيس ٻئي ڪنهن اسڪول بدلي ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.