ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت ملوث آهي: ملڪ چنگيز خان

ڄامشورو ( ڊ ر ) ڄامشورو اتحاد اڳواڻ ملڪ چنگيز خان چيو آهي ته سنڌ جي ٻيٽن کي وفاق حوالي ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا ۽ هر محاذ تي ان عمل جي مخالفت ڪبي، اهڙن خيالن جو اظهار هن ڄامشورو ۾ مختلف برادرين وٽ تعزيتون ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالھائيندي چيو ـ ھن چيو  ته مڪاني ادارن جي چونڊ جو وقت پهچي ويو آهي، پر حڪمرانن جي سستي مان واضح نظر اچي رهيو آهي ته اهي وقت سر چونڊون نه ڪرائيندا، ٻيٽ وفاق حوالي ڪرڻ ۾ سنڌ حڪومت ئي ملوث آهي، حڪمران عوامي ردعمل ڏسي هاڻي وري سنڌ جي مالڪي ڪري رهيا آهن،  عوام کي سندن ڊرامي کي سمجهڻ گهرجي. ھن چيو ته ٻيٽن جي مالڪي جي حوالي سان ٻيڙين ذريعي ٿيندڙ احتجاج جي رستا روڪ ڪرڻ جي مذمت ڪريون ٿا، احتجاج ڪرڻ هر ماڻهو جو بنيادي حق آهي، ان موقعي تي رضوان جتوئي، شيخ عبدالله ڪوهستاني، اعجاز برفت سميت ٻيا ساڻسـ گڏ ھئا

 

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.