نئين ديري ۾متاثرن جو ڦورن خلاف احتجاج

نئون ديرو(ن ع آ) نئون ديرو لڳ ماهوٽا ٿاڻي جي حد ۾ 6 هٿياربند ڦورن ڳوٺ واحد بخش آگاڻي واسي گل مير آگاڻي ۽ گل حسن آگاڻي کي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل، موڀائل فون، 5 هزار روڪ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪرڻ بعد فرار ٿي ويا. واقعي کي 4 ڏينهن گذرڻ باوجود ماهوٽا پوليس نه ڦورن کي گرفتار ڪيو آهي ۽ نه ئي ڦرجي ويل موٽر سائيڪل ۽ سامان واپس ڪرايو آهي. ماهوٽا پوليس جي اهڙي نااهلي خلاف ڳوٺ واحد بخش آگاڻي جي رهواسين گل مير آگاڻي، مير حسن آگاڻي، آصف، سهراب آگاڻي ۽ ٻين نئون ديرو پريس ڪلب پهچي احتجاج ڪيو آهي. جتي دانهون ڪندي گل مير آگاڻي جو چوڻ هو ته روڊ تي ڦورو بيٺل هجڻ بابت پوليس کي 2 ڪلاڪ اڳواٽ اطلاع ڏنو ويو هو پر ماهوٽا ٿاڻي جي ايس ايڇ او سميت پوليس نااهليءَ جو مظاهرو ڪندي ڦورن خلاف ڪاروائي نه ڪئي. اسان جيئن لاڙڪاڻي کان واپس ڳوٺ واحد بخش آگاڻي وڃي رهيا هئاسين ته سم شاخ وٽ علائقي جي ڦورو وسيم آگاڻي 5 اڻڄاتل ڦورن سان گڏجي اسان جو اڳ جهلي اسان کي زيتونن جي باغ ۾ کڻي وڃي هٿيارن جي زور تي يرغمال بڻائي موٽر سائيڪل، موبائل فون، 5 هزار روڪ ۽ ٻيو سامان ڦر ڪيو ۽ اسان کي اڌ ڪلاڪ تائين باغ ۾ يرغمال بڻائي رکڻ بعد اسان مان هٿ ڪڍي پاڻ فرار ٿي ويا. جنهن بعد اهڙي واقعي جي ماهوٽا ٿاڻي تي اين سي داخل ڪرائي پر پوليس با اثرن جي چوڻ تي ڦورو وسيم آگاڻي ۽ سندس ساٿين خلاف ڪو به ايڪشن ناهي کنيو ۽ نه ڦريل موٽر سائيڪل ۽ سامان واپس ڪرايو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.