باهو کوسي اسپتال ۾ دوائن جي کوٽ جون دانهون

باهو کوسو (ن ع آ) باهو کوسو جي صحت  مرڪز ۾ ڪميونيٽي سپورٽ گروپ جي گڏجاڻي ٿي , علائقي جي معززينن جي شرڪت , صحت مرڪز ۾ سهولتن جي کوٽ جون دانهون رپورٽ موجب باهو کوسو جي  صحت مرڪز ۾ ڪميونيٽي سپورٽ گروپ جي گڏجاڻي ۾ ڪميونيٽي جي ميمبرن دوائون وقت تي نه پهچڻ ۽ سهولتن جي کوٽ جون دانهون ڪيون ويون  گڏجاڻيء ۾ ڳالهائيندي مير بهرام خان جکراڻي, آزاد خان جکراڻي, ساگر علي حسن, خادم کوسو , ڊاڪٽر محمد هاشم کوسو ۽ ٻين چيو ته باهو کوسو جي صحت مرڪز ۾ ڊليوري, ايمبولينس, ڇتي ڪتي ۽ نانگ جي ڪکڻ جا ويڪسن ميسر نه آهن جنهن سبب علائقي واسين کي ڏکيائين کي منهن ڏيڻو پوي ٿو, تنهن ڪري صحت مرڪز جا مسئلا حل ڪيا وڃن, انچارج ميڊيڪل اسٽور ڊاڪٽر حبيب الرحمان جکراڻي, سوشل آفيسر عبدالستار کين خاطري ڪرائي ته سندن پيش ڪيل مسئلا مٿي اماڻيا ويندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.