آصف زرداري کي انتقام جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي: محمد امين لاکو

ٽنڊومحمدخان (ڊ ر)ٽنڊومحمدخان ۾ اڳوڻي صدر  پ پ ڪوچيئرمين آصف علي زرداري کي بناجواز انتقامي سياسي ڪارروائي جو نشانو بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي  پئي  وڃي ، اهڙو اظهار پ پ جي اڳوڻي ايم پي اي محمد امين لاکو ، رضا محمد خاصخيلي ، ارشاد ميمڻ ، غلام نبي مگسي ۽ ٻين پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي ڪيو ، هنن چيو ته وزيراعظم پاڪستان پنهنجي قول ۽ فعل ۾ مڪمل ناڪام ٿي ويو آهي.، مهنگائي عوام جو ساھ سڪائي ڇڏيو آهي.  ، حڪومت جي ناڪام پاليسين جي ڪري ملڪ کي ڏيهي ۽ پرڏيهي طور نقصان رسي رهيو آهي ، پنهنجين غلطين جو اعتراف ڪرڻ بجاءِ وفاقي حڪومت سياسي مخالفن جي خلاف انتقامي سياسي ڪاروائين جو سلسلو تيز ڪري ڇڏيو آهي.

پني عاقل ۾  قومپرست اڳواڻ عبدالمجيد جسڪاڻي لاڏاڻو ڪري ويو

پنوعاقل (ن ع آ)  قوم پرست اڳواڻ عبدالمجيد جسڪاڻي جو والد لاڏاڻو ڪري ويو،حاجي گل حسن جسڪاڻي عمر72سال بيمار ٿيڻ ڪري شھر ۾ ڊاڪٽر سرچند وٽان علاج  ڪرائي گھر پھتو ته فوت ٿي ويو،مرحوم گل حسن جي مرڻ جي خبر پوڻ تي علائقي جي سياسي سماجي ۽ شھري واپارين پاران مجيد جسڪاڻي سان ڏک جو اظھار،ھوڏانھون جمعي ڏينھن اڄ صبح جو دڦر ڳوٺ لڳ جنازي ادا ڪئي ويندي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.