نوري آباد لڳ چراگاهن کي اوچتو باهه، فصل سڙي ويا

نوري آباد (ن ع آ ) نوري آباد ويجھو  ڪوھستان  يوسي جھمپير جي قديمي وڏن ٻن ڳوٺن گودڙ خان جاکرو ۽ موسي خان جاکرو جي چوپائي  جانورن جي چراگاھ  ۽ ڳوٺ ڀرسان اوچتو باھ لڳڻ جي نتيجي ۾ بيٺل وڻ، چوپائي مال جا چراھ گاھ ۽ ڪيترن ئي ايڪڙن زمين ۾ برساتي پاڻي تي پوکيل فصل جوار، گوار ۽ ترن مگ جا فصل سڙي رک ٿي ويا آهن، جنھن ڪري مقامي آبادگارن کي وڏو نقصان پھتو آھي،  جڏھن ته ڳوٺاڻن مڙسي ڪري گھرن کي سڙڻ کان بچائي ورتو. ان سلسلي ۾ متاثر مقامي ڳوٺاڻن الھجڙيو، بادل، شفيع محمد جاکرو ۽ ٻين چيو ته سندن ڳوٺن جي وچ ۾ اوچتو  ڏينھن جو باھ لڳي وئي جيڪا ڏسندي ڏسندي ئي  سندن پوکيل فصل، مال جي چراھ گاھن سميت سندن قيمتي وڻ سڙي رک ڪري ڇڏيا جڏھن ته گھرن کي مڙسي ڪري سڙڻ کان بچائي پنھنجي مدد پاڻ تحت باھ تي ڪنٽرول ڪيو ويو آھي، پر کين مالي وڏو نقصان پھتو آھي. ھنن وس وارن کان مطالبو ڪيو ته  لڳل باھ جي جاچ ڪرائي کين پھتل نقصان جو ازالو ڪرائي  نقصان کان بچايو وڃي.

جان محمد سوسائٽي لڳ پوليس ڪارروائي، 3 جواري گرفتار

جان محمدسوسائٽي (ن ع آ) عادلپور پوليس بھترين ڪاروائي ڪندي جان محمدسوسائٽي ويجھو  ڳوٺ سونو مھر ۾ ھلندڙ جوا جي اڏي تي ڇاپو آڪڙا پرچي تاش جي پتن سميت 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري ، ڪيس داخل ڪري ڇڏيو گذريل رات دير سان عادلپور پوليس ، ڳجهي ڪارروائي ڪندي ، جوا جي اڏي تي ڇاپو هڻي ٽن جوابدارن ڪيشور ڪمار -شڪيل- شاهد مارواري کي هڪ ڪارڊ ، هڪ پرچي ڪتاب ، هڪ موٽرسائيڪل ، چار موبائل فون ۽ نقدي رقم سميت گرفتار ڪيو ويو.جڏهن ته ملزم جا 2 ساٿي طارق مهر ، ياسين ڪلوڙ پوليس کي ڏسندي ئي  فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويا. پوليس گرفتار ڪيل جوابدارن کي ٿاڻي تي کڻي  سندن خلاف جرم نمبر 83/2020 سيڪشن 294 اي ، 294 بي ٽي پي ۽ 5 سنڌ جوا قانون ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪري ڇڏيو آهي

اوٻاوڙي پوليس جون ڪارروايون، جواري ۽ ٻيا ڏوهاري گرفتار

اوٻاوڙو (ن ع آ) اوٻاوڙو ايس ايس پي گهوٽڪي  عمر طفيل جي سخت  هدايتن  تي ريتي پوليس جو ن جوارين ۽ ٻين ڏوهارين جي خلاف ڪاروايون ريتي پوليس گشت دوران ڳجھي اطلاع تي ڪاروائي ڪندي جوا جي اڏي تي چڙھائي ڪري ٽن جوابدارن حميد شر  علي گوھر ڪوڀر فرمان علي شر   کي گرفتار ڪري  ٻه تاشون چار آڪڙا پرچي بوڪ ۽ روڪ رقم ھٿ ڪري ورتي جڏھن ته جوابدار جا 5 ساٿي پنھل کنڀڙو اجمل کنڀڙو ۽ ٽي نامعلوم جواري پوليس کي ڏسندي ئي فرار ٿي ويا. پوليس گرفتار ڪيل جوابدارن کي ٿاڻي تي کڻي آئي گرفتار جوابدارن ۽ فرار ٿي ويل جوابدارن خلاف گناھ نمبر 46/2020 قلم 294A.294B ۽ جوا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو.

لاڙڪاڻي ۾ پوليس جون ڪارروايون، 5 جوابدار گرفتار، هٿيار هٿ

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻو پوليس ڏوهارين خلاف ڪاروائيون ڪندي 5 جوابدارن کي گرفتار ڪري هٿيار، منشيات ۽ چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. ان سلسلي ۾ ڪالهه رحمت پور پوليس جوابدار رسول بخش بروهي کي رائيفل ۽ گولين سميت، حيدري پوليس جوابدار بچل جتوئي کي ريوالر ۽ گولين سميت، تعلقه پوليس جوابدار امداد شر کي ريوالر ۽ گولين سميت، سول لائين پوليس اشتهاري جوابدار وهاب تنيو کي ۽ ڏوڪري پوليس جوابدار لياقت کوکر کي ڀنگ سميت گرفتار ڪري ورتو. ٻئي پاسي دڙي پوليس شهري ڪامران علي جي چوري ٿيل موٽرسائيڪل هٿ ڪري ورتي آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.