نوابشاهه ۾ قائد عوام يونيورسٽي جي شاگردن جي آن لائن ڪلاس وٺڻ خلاف بک هڙتال

نوابشاهه (ڊ ر ) قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي نوابشاهه جي وائيس چانسلر پروفيسر سليم رضا سمون خلاف شاگردن پاران آن لائين ڪلاس وٺڻ واري عمل خلاف اڄ چوٿين ڏينهن به نوابشاهه پريس ڪلب جي سامهون احتجاجي مظاهرو ڪرڻ بعد بک ھڙتال ڪئي وئي، انھيءَ موقعي تي شاگردن سجاد کوسو، مجيد مغيري، ڪاشف ڏاھري، سھيل جمالي، شاھد ابڙو، عامر جمالي ۽ ٻين چيو ته اڄ اسان کي ھتي ٻيون ڏينهن آھي ليڪن يونيورسٽي جي انتظاميه اسان جي ھڪ به ٻڌڻ لاءِ تيار ناھي، ھنن چيو ته اسان جا ڪورونا وائرس ۾ آن لائين ڪلاس ورتا ويا، جڏھن ته ھن وقت اسان کان آن لائين امتحان وٺڻ بجاءِ ريگيولر امتحان ورتا پيا وڃن جيڪا اسان سان انصافي آهي، ھنن چيو ته سڄي سنڌ ۾ ڪورونا وائرس سبب پرائمري اسڪولن کليل آھن ۽ يونيورسٽيون کليل آھن، جڏھن ته قائد عوام يونيورسٽي جي انتظاميه ھن وقت به آن لائين ڪلاس وٺي رھي آھي، ٻئي پاسي شاگردن جي حقن لاءِ جاکوڙيندڙ تنظيم سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي جي چيئرپرسن سنڌو نواز گھانگھرو، سھيل ڀٽو، حمز علي چانڊيو، اسد مغيري، ڊاڪٽر يوسف ۽ ٻين شاگردن سان رابطو ڪندي چيو ته قائد عوام انجنيئرنگ يونيورسٽي جي انتظاميه شاگردن سان انصافيون ڪري رھي آھي جنھن جي اسان سخت لفظن ۾ مذمت ڪيون ٿا، ھنن چيو ته قائد عوام يونيورسٽي جا شاگرد اڪيلا ناهن سنڌ يوٿ ايڪشن ڪميٽي انھن سان ھر وقت گڏ آهي، شاگردن جا جائز مسئلا حل ڪيا وڃن، ٻئي صورت ۾ سخت احتجاج ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.