لاڙڪاڻي ۾ ميري خان واسي جو ٻارن سميت احتجاج

لاڙڪاڻو(ڊ ر) لاڙڪاڻي ۾ ميروخان ڀرسان ڳوٺ علي جي وانڍ جي رهواسي توفيق احمد لاشاري پنهنجي پيرسن امڙ ۽ ٻين وارثن سان گڏجي گهر واري ۽ ٽن ٻارن جي مبينا اغوا خلاف پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو. ان موقعي تي هن الزام لڳايو ته 6 سال اڳ ڪراچي جي عمر ماروي ڳوٺ مان بااثر ٽائلز جي دڪاندار منظور چانڊيو منهنجي گهر واري ريحانه، 15 سالن جي پٽ ريحان، 13 سالن جي ڌيءُ ڪائنات ۽ 10 ورهين جي ڌيءُ سهانه لاشاري کي اغوا ڪيو هو جنهن خلاف حد جي سکهن ٿاڻي تي شڪايت ڪئي پر ڪو به تدارڪ نه ٿيو ان بعد سهري غلام قمبر کانئنس 2 لک روپيه وٺي گهر واري جي منظور چانڊيو سان نڪاح مٿان نڪاح ڪرائي جنهن مان کيس هڪ سال جي پٽ جي اولاد به آهي هينئر بااثر لاڙڪاڻي شهر جي ڀينس ڪالوني واري علائقي ۾ رهائش اختيار ڪيون ويٺو آهي.  جنهن کي مون گهر واري ۽ ٻار واپس ڪرائڻ جو چيو ان تي هن ڏمرجي مون کي موتمار ڌمڪيون ڏنيون جيڪا وڏي ناانصافي آهي. هن آءِ جي سنڌ، ڊي آءِ جي ۽ ايس ايس پي لاڙڪاڻي کي اپيل ڪئي ته گهر واري ۽ ٻار واپس ڪرائي بااثر خلاف ڪاروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.