ڪراچي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت ڪبي:خورشيد جوڻيجو

ڏوڪري (ت ر) ڪراچي ۾ 18 آڪٽوبر تي رٿيل جلسي جي تيارين جي حوالي سان ڏوڪري  ۾  ٻگهيو هائوس تي پ پ جو اجلاس ڪوٺايو ويو جنهن ۾ ضلعي تعلقي قيادت سميت 11 يوسيز جي اڳوڻن چيئرمينن، وائيس چيئرمينن ضلعي ميمبرن سميت  ڪارڪنن  شرڪت ڪئي ۽ 18 آڪٽوبر تي پي ڊي ايم جي جلسي ۾ ڀرپور شرڪت جو اعلان ڪيو. اجلاس جي صدارت ضلعي صدر ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو ڪئي جڏهن پ پ ايم پي اي حزب الله خان ٻگھيو ، پ پ اڳواڻ محمد علي ٻگهيو، پ پ جي ضلعي  جنرل سيڪريٽري اعجاز علي لغاري. انفارميشن سيڪريٽري عمران جتوئي، علي ڏنو خان گاڏهي،جمن ٻگهيو، حافظ رجب سولنگي، منظور خان جوڻيجو، قاضي جميل احمد. ڊاڪٽر مولا بخش جوڻيجو. ارشاد خان ٻگهيو، ديدار جوڻيجو، الطاف خاصخيلي، عرفان ٻگهيو، عابد حسين ٻگهيو، محمد نواز ٻگهيو ۽ ٻين وڏي تعداد ۾ شرڪت ڪئي.   اجلاس ۾ متفقه طور ڏوڪري مان 100 کان وڌيڪ گاڏيون ڪارڪنن جي قافلي ۾ جلسي ۾ شرڪت جو اعلان ڪيو ويو. ان موقعي تي پ پ ضلعي لاڙڪاڻي جي صدر ايم اين اي خورشيد احمد جوڻيجو، ايم پي اي حزب الله خان ٻگھيو. پ پ اڳواڻ اعجاز علي لغاري ۽ ٻين ڳالهائيندي چيو ته پاڪستان پيپلزپارٽي عوامي پارٽي آهي جيڪا عوام جي دلين تي راڄ ڪري ٿي ، هن چيو ته 18 آڪٽوبر تي ڪراچي ۾ رٿيل جلسي ۾ هزارين ڪارڪن شهيد راڻي محترمه بينظير ڀٽو جي لخت جگر بلاول ڀٽو زرداري جو شاندار استقبال ڪري نئين تاريخ رقم ڪندا ، هن وڌيڪ چيو ته پي ٽي آءِ حڪومت عوام کي ڪوبه رليف نه ڏئي سگهي آهي ويتر مهانگائي ، بيروزگاري توڙي بک ۽ بدحالي تحفي ۾ ڏني آهي 18 آڪٽوبر واري جلسي ۾ لاڙڪاڻي سميت پوري سنڌ مان جيالا هزارن جي تعداد ۾ شرڪت ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.