جي ايس بئنڪ عورتن لاءِ ڪم ڪري پئي:مدثر رانا

سکر(رپورٽر) جي ايس بئنڪ لاھور جي اسسٽنٽ وائس پريزيڊنٽ مدثر رانا چيو آھي تہ عورتن جي ڀلائي لاءِ جي ايس بئنڪ تمام گھڻو ڪم ڪري رھي آھي. وومين ڊولپمينٽ ڪميٽي سنڌ ۾ عورتن لاء تمام سٺو ڪم ڪري رھي آھي. بينڪ پاران غريب عورتن کي قرض ڏيڻ لاء پاليسي جوڙڻ لاء بئنڪ انتظاميا سان ڳالھائيو ويندو. ھن اھڙيون ڳالھيون وومين ڊولپمينٽ سنڌ جي چيئرپرسن شھناز شيخ سان روھڙي ۾ سيد صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاھ جي رھائشگاھ تي ملاقات دوران ڳالھائيندي ڪيو. ملاقات ۾ ملڪ اندر عورتن کي پيش ايندڙ مسئلن جي حل ۽ غريب عورتن کي آسان قسطن ۾ قرض ڏيڻ بابت غور ويچار ڪيو ويو.  ان موقعي تي ڊبليو ڏي سي سنڌ جي چيئرپرسن شھناز شيخ چيو ته ملڪ ۾ عورتن جي مالي مدد لاء حڪومت کي اپاءُ وٺڻ گھرجن. ملڪ ۾ قائم بئنڪن ۾ عورتن جي لاء خصوصي قرض ڏنا وڃن جنھن سان عورتن جي مالي مسئلن کي حل ڪري سگھجي ٿو. ان موقعي تي جي ايس بئنڪ لاھور جي اسسٽنٽ وائس پريزيڊنٽ مدثر رانا چيو ته عورتن جي مسئلن جي حل لاءِ بئنڪ اعلي اختيارين سان ڳالھائيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.