ٽنڊو مستي لڳ چور ڳوٺاڻي جون 7 ٻڪريون ڪاهي ويا

ٽنڊو مستي ( ن ع آ ) ٽنڊومستي ويجهو ڳوٺ صادق شاهه مان جاڙيل شنباڻي ۽ ڳوٺاڻي فاروق پنجابي جون  نامعلوم چور ٻڪرين جي واڙ مان ڀلوڙ نسل جون 7 ٻڪريون  چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا صبح جو پيراڍو ڪتن جي مدد سان چورن جا پيرا  کڻي ڀرسان واري ڳوٺ آچر چانڊيو ۾ محمد آچر چانڊيو جي گهر  پهچايا ويا جتان ٽنڊومستي  پوليس  گهرڌڻي هڪ ڄڻي کي گرفتار ڪري سندن ج گهر اندر بيٺل چوپايو مال ڍڪ حوالي ڪري ڇڏيو.

زمين تي قبضي جا الزام ڪوڙا آهن: مدئجي ۾ ڳوٺاڻي جو احتجاج

مدئجي(ن ع آ ) ڳوٺ محمد خان ٻرڙو واسي ٻرڙا برادري جي معزز اصغر علي ٻرڙو پريس ڪلب مدئجي پهچي ٻرڙا برادري پاران لڳايل الزام کي رد ڪري ڇڏيو آهي، ان سلسلي ۾ هن پريس ڪانفرنس ڪندي چيوته مون ۽ ڀاءُ محمد ملوڪ ٻرڙو برادري جا معزز آهيو اسان جي خلاف ٻرڙا برادري جي ڪجهه شرپسند ۽ ڏوهارين جي ساٿاري ماڻهو ميڊيا تي اچي غلط بياني ڪري اسان جي ساک متاثر ڪري رهيا آهن، هن چيوته اسان جي ڳوٺ جي رهواسي ٻرڙا برادري جي ٻن ڌرين وچ ۾ زمين جي مالڪي جو تڪرار هلندڙ هوجنهن جو ڪيس شڪارپور ڪورٽ ۾ هلندڙ هو ڪورٽ سڳوري هڪ ڌر جي محمد عظيم ٻرڙو جي حق ۾ فيصلو ڏنو،جنهن بعد سندن مخالف اسان جي مٿان ڏمرجي پيا آهن اختياريون نوٽيس وٺي اسان جي خلاف ميڊيا ٽرائل ۽ بي بنياد الزام هڻندڙ جوابدارن خلاف ڪارروائي ڪري کين قانون جي پڪڙ ۾ آندو وڃي

پکي ۾ جماعت جي گڏجاڻي، ميلاد مصطفي’ڀرپور طور ملھائڻ جو اعلان

پکو ( ن ع آ ) پکو ۾ حق دوپاسي جماعت طرفان اھم گڏجاڻي ٿي گذري , ميلا مصطفي’ ﷺ ڀرپور انداز ۾ ملھائڻ جو اعلان ڪيو ويو ان ڏس ۾ رتوڪوٽ ۾ حق دوپاسي آستاني تي جماعت جي سرواڻ سيد گل شاھ دوپاسي جي اڳواڻي ۾ جماعت جي گڏجاڻي ۾ قمبر ۽ لاڙڪاڻي ضلعن جي مختلف شھرن مان جماعتي اڳواڻن ڊاڪٽر الھڏتو مغيري , رئيس معشوق علي , مير فھد خان , رئيس محمد علي , دلدار ککراڻي , مير محمد ۽ بابو بشير سميت سوين عقيدتمندن شرڪت ڪئي ., گڏجاڻي ۾ ميلاد مصطفي’ ﷺ ملھائڻ جي سلسلي ۾ اھم فيصلا ڪيا ويا , گڏجاڻي ۾ سرور ڪائنات جي آمد ڏھاڙي تي سردار واھ لعلورائنڪ کان پيادل ريلي ڪڍي مختلف شھرن کان وڳڻ شھر پھچي ھڪ عاليشان جلسي جو پروگرام ترتيب ڏنو ويو.

ڊکڻ ۾سپاف شهيد ڀٽو جي اڳواڻ اسد عمراڻي جي ورسي اڄ ملهائي ويندي

ڊکڻ ( ن ع آ )  سپاف شهيد ڀٽو جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ  اسد عمراڻي جي ٻي ورسي اڄ ملهائي ويندي، تياريون مڪمل،خبر موجب سپاف شهيد ڀٽو سنڌ جي اڳوڻي مرڪزي اڳواڻ اسد علي عمراڻي جي ٻي ورسي  سڀاڻي (اڄ) ڊکڻ لڳ ڳوٺ مور خان عمراڻي ۾ ملهائي ويندي، ورسي جي موقعي تي تياريون مڪمل ڪيون ويون آهن،ورسي تقريب  کي پ پ شهيد ڀٽو جا  اڳواڻ خطاب ڪندا،

خيرپور جو تعليمي ماهر استاد محمد صالح ڦلپوٽو لاڏاڻو ڪري ويو

خيرپور( ڊ ر ) خيرپور ڀرسان ڳوٺ ڪوڙوڦلپوٽو جو رهواسي ۽ خيرپور جو مشهرو تعليمدان استاد محمد صالح ڦلپوٽو ڪجهه عرصو بيمار رهڻ کان پوءِ هن فاني دنيا مان لاڏاڻو ڪري ويو . سندس جنازي نماز ۾ سردار امتياز حسين ڦلپوٽو، صاحب زادا طاهر امتياز ڦلپوٽو، شير دل خيرپور زاهد خان ڦلپوٽو، فنڪشنل مسلم ليگ تعلقه خيرپور جو صدر حاجي امام بخش ڦلپوٽو ۽ برادري جي سوين ماڻهن سميت وڪيلن ، استادن ، صحافين ، سياسي ۽ سماجي اڳواڻن پڻ وڏي انگ ۾شرڪت ڪئي مرحوم کي اباڻي قبرستان شاهه ڀنڱيو پير۾ سوين آلين آکين اڳيان  مٽيءَ ماءُ حوالي ڪيو ويو هوڏانهن مرحوم جي وارثن سان تعزيت جو سلسلو پڻ جاري آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.