سڪرنڊ ۾ پ ٽ الف جون چونڊون، اميدوارن ورڪ تيز ڪري ڇڏي

سڪرنڊ ( ن ع آ ) پ ٽ الف تعلقي سڪرنڊ پاران 18 آڪٽومبر تي ٿيندڙ اليڪشن 1105 استاد ووٽرس جن ۾ ميل 878 فيميل 227 استاد ووٽر پنهنجو ووٽ ڏئي اليڪشن ۾ حصو وٺندا، جڏهن ته  شهباز پينل ڀٽائي پينل جي ٻن گروپن جي بيٺل اميدوارن پاران ورڪ مهم تيز ڪري ڇڏي، استادن کان ووٽ وٺڻ لاءِ ميڙ منٿ جو سلسلو جاري جڏهن ته ٻنهين گروپن اليڪشن کٽڻ جي لاءِ ننهن چوٽي جو زور لڳائڻ سان گڏو گڏ طاقت جو مظاهرو ڪرڻ جي لاءِ  الڳ الڳ ريليون ڪڍڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو جڏهن ته شهباز پينل جي صدارتي اميدوار استاد  ارباب علي پرهياڙ چيو ته اليڪشن کٽڻ کان پوءِ سنڌ يونيورسٽي ٽيسٽ  پاس ڪندڙ استادن کي پڪو ڪرڻ  جي ايس ٽي ۽ ايڇ ايس ٽي جي استادن جي  پروميشن ڪرڻ لاء ڪوششون وٺڻ ۽ ڪورونا جي ڪري تعليم کي ٿيل نقصان جو ازالو ڪرڻ جي ڪوشش ڪنداسين. شاه عبدالطيف ڀٽائي پينل جي صدارتي اميدوار استاد گل محمد مگسي چيو ته اليڪشن کٽڻ بعد تعليم جي بهتري ۽ بند پيل اسڪول کي کولرائڻ استادن جي کوٽ، استادن ۽ اسڪولن جي بنيادي مسئلن کي حل ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ويندي.  ان موقعي پ ٽ الف سڪرنڊ اليڪشن ڪاميٽي جي چيئرمين محمد حنيف سومرو چيو ته 1105 ووٽر آھن ۽ اسان اليڪشن جي حوالي سان انتظام مڪمل ڪري ڇڏيا آھن.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.