ڳڙهي خيري ۾ مهانگائي جو جن بوتل مان نڪري آيو

ڳڙھي خيرو (ن ع آ) حڪومت مھانگائي جا رڪارڊ ٽوڙي ڇڏيا،  وفاقي حڪومت عام واھپي جي شين ڪڻڪ جو اٽو, کنڊ ۽ دوائن ۾ رڪارڊ اضافو,   عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي، مھانگائي سبب عوام پريشان، ڳڙھي خيرو ۾ دڪاندار سبزي, ڪڻڪ جو اٽو, کنڊ سميت عام واھپي جي شين ۾ اضافو ڪري ڇڏيو, ڳڙھي خيرو ۾ مرغي جو گوشت 280 روپيه ۽ شھدادڪوٽ ۾ مرغي جو گوشت 250 روپيه ڪلو وڪرو،  مھانگائي عوام جي ڇيلھ چٻي ڪري ڇڏي. , عوام مھانگيون شيون خريد ڪرڻ تي مجبور, حڪومت پاران مھانگائي تي  ڪنٽرول ڪرڻ ۾ ناڪام , ڳڙھي خيرو ۾ دڪاندار عام واھپي جي شين ۾ من پسند ريٽ مقرر ڪري ڇڏيا, ڪڻڪ جو في ڪلو اٽو 60 روپيه, کنڊ 100 روپيه, پيور تيل في لٽر 220 روپيه, چانور 86 نمبر. 120 روپيه, چڻن جي دال 200 روپيه, مڱ دال 320 روپيه, ڪريلا 120 روپيه, بصر 80 روپيه, ٽماٽر 200 روپيه, پٽاٽا 50, توري 80 روپيه, ننڍو گوشت ڇيلو 1000 روپيه, مرغي جو گوشت 280 کان 300 روپيه, مڇي 400 روپيه, وڏو گوشت 450 روپيه وڪرو ٿي رھيو آھي, جڏھن حڪومت دوائن ۽ عام واھپي جي شين ۾ رڪارڊ اضافو ڪري ڇڏيو آھي، مھانگائي سبب عوام جي پريشاني ۾ اضافو ٿي ويو آھي, وفاقي حڪومت  مھانگائي ۾ رڪارڊ اضافو ڪري عوام جي چيلھ چٻي ڪري ڇڏي آھي، مھانگائي سبب عوام جي پريشاني ۾ اضافو ٿيڻ لڳو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.