18 آڪٽوبر تي جلسي ۾ وڏي انگ ۾ اڳواڻ ۽ ڪارڪن شرڪت ڪندا:نياز احمد خاصخيلي

لياري (ن ع آ) آل سنڌ پيپلز پيراميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن پاران 18 آڪٽوبر جي  جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لاء هڪ اهم اجلاس ٿي گذريو۔ اجلاس کي آل سنڌ پيپلز پيراميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن جي صدر نياز احمد خاصخيلي، سيد منير شاهھ ۽ ٻين صحافين سان ڳالهائيندي چيو 18 آڪٽوبر تي آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاپ ڪراچي ڊويز جا سوين ڪارڪن ۽ اڳواڻ جلسي ۾ شرڪت ڪندا. نياز احمد خاصخيلي جو وڌيڪ چوڻ هو ته جلسي ۾ آل سنڌ پيپلز پيراميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن پاران جلسي واري هنڌ هڪ ميڊيڪل ڪئمپ لڳائي ويندي جتي ميڊيڪل چيڪ اپ ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪيون وينديون۔ . سندس وڌيڪ چوڻ هو صحت کاتي جي سيڪريٽري کي گهرجي ته پيرا ميڊيڪل عملي جا جائز مطالبا حل ڪيا وڃن ته جئين پيراميڊيڪل عملي ۾ پيدا ٿيل بيچيني دور ڪئي. ان موقعي تي سيد منير حسين شاھه جو چوڻ هو ته آل سنڌ پيپلز پيرا ميڊيڪل اسٽاف ڪراچي ڊويزن پاران 18 آڪٽوبر  جي جلسي کي ڪامياب ڪرڻ لاءِ وڏي انگ ۾ ڪارڪن ۽ اڳواڻ شرڪت ڪندا.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.