خانپور مهر ۾ دڪانن تي ڇاپا، ڏنڊ وصول

خانپورمهر(رپورٽ:ميهرمهر) اي سي خانڳڙھ جا دڪانن، تي ڇاپا، وڌيڪ اگهه وٺندڙن کان ڏنڊ وصول، خبر موجب اسسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ عديل احمد سوهو ،ٽائون عملدارن غلام شبير مهر ۽ ٻين کي ساڻ ڪري خانپورمهر شهر ۾ ڪريانه جي دڪانن، سبزي، فروٽ، مڇي ۽ ٻين عام واهپي جي شين جا اگهه چيڪ ڪيا ان موقعي تي اي سي وڌيڪ اگهه وٺندڙن کان ڏنڊ وصول ڪيو ۽ مختلف دڪانن تي ڊيٽ ايڪسپائر شيون پڻ چيڪ ڪيون، اسٽنٽ ڪمشنر خانڳڙھ عديل احمد سوهو چيو ته دڪاندار عام واهپي جون شيون مناسب ۽ سرڪاري اگهه مطابق وڪرو ڪن وڌيڪ اگهه وٺندڙن خلف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي.  اي سي خانڳڙھ چيو ته ڪنهن به دڪاندار وٽ ڊيٽ ايڪسپائر سامان هٿ اچڻ تي سندس خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي هن چيو ته اڄ شهر ۾ مختلف دڪانن تي وزٽ دوران وڌيڪ اگهه وٺندڙن مٿان ڏنڊ هنيا ويا آهن عوام کي ريليف ڏيارڻ لاء ڪارروايون جاري رهنديون…

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.