پني عاقل ۾ مهانگائي، شهري بکون ڪاٽڻ تي مجبور

پنوعاقل (ن ع آ) پي ٽي آءِ جي حڪومت ۾  عوام کي ريلف ڏيڻ واريون ڳالھيون ڪندڙ وزير اعظم عمران غريب عوام کي سستائپ ڏيڻ بدران مھانگھائي جو طوفان برپا ڪري ڇڏيو آھي،ھتي اٽو چانور گيھ دال،بيسڻ کنڊ،پتي کير  سبزيون فروٽ ۽ ٻيو کاڄرو سامان ٻيڻو  ۽ ٽيڻو مھانگھو ٿيڻ ڪري غريب ماڻھن ماني ڳڀي لاءِ پريشان آھن،جڏھن ته يوٽليٽي اسٽورن جو سرڪاري ريٽ وارو سامان واپارين ۽ ٻين وڏن دڪانن سوئيٽس،بسڪيٽ بڪري ۽ وڏن ھوٽلن تي وڪرو ڪيو وڃي ٿو، ان ڏس ۾ علائقي جي سڄاڻ شھرين منير احمد سومرو،جاويد ملڪ،ضمير جلالي،اجمل  سومرو،ذاڪر ٿھيم ،جاني شيخ،فرمان ڪلھوڙو،نبيل ملڪ،امير عالماڻي،عزيز مھر ۽ ٻين دانھيندي چيو ته عمران نيازي جي حڪومت اچڻ کانپوءِ مھانگھائي عروج تي پھتل آھي ۽ کائيڻ پئيڻ جي شئين جا اگھ آسمان سان لڳايا ويا آھن،جنھن ڪري ھتي غريبھڪ ويلي جي ماني کائڻ لاءِ پريشان آھيون،ھنن چيو ته بي روزگاري سبب آمدني گھٽ ۽ مھانگھائي وڌيڪ جي ڪري اسان موت ۽ زندگي جي ٻي واٽي تي گذاريون ٿا،ھنن سپريم ڪورٽ سميت اعليٰ عدالتون کان  گھر ڪئي آھي ته مھانگھائ تي ڪنٽرول ڪرائي غريبن کي جئيڻ جو حق ڏنو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.