ڪلوئي واسڻ جو آپگهات، اوباش هراسان ڪندا هئا: وارث

ڪلوئي (ن ع آ) اڳ ڪلوئي ويجهو 20 ڏينهن اڳ ڳوٺ ڄام خان ۾ مبينا آپگهات ڪندڙ ڇهن ٻارن جي ماءُ ناري ح کي اوباش  ماڻهن پاران تنگ ڪري خودڪشي تي مجبور ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ناري جي وارثن مڙس خير محمد، نصرالله لنڊ، عبدالجبار، سس، محمد رحيم لنڊ ۽ ٻين سخت احتجاج ڪندي الزام هنيو آهي ته ناري کي ڳوٺ جا ڪجهه اوباش بااثر حراسان ڪندا هئا اهڙيون دانھون آپگهات کان اڳ ڳوٺ جي چڱن مڙسن سميت سمورن کي دانهون ڏنيون ويون. هنن وڌيڪ چيو ته ناري جي آپگهات کان 2 ڏينهن اڳ اسان ايس ايس پي ٿرپارڪر کي پڻ شڪايت ڪئي هئي. هنن اعليٰ اختيارين کان انصاف ڏيارڻ جو مطالبو ڪيو آهي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.