قاضي احمد لڳ ٻارڙن کي باهه ڏيندڙن جي ضمانت رد

قاضي احمد ( ن ع آ ) قاضي احمد لڳ ڳوٺ طوطل جتوئي ۾ 9 مھينا اڳ مبينا طور رات جي اونداهي ۾ پورهيت اقبال جتوئي جي گھر  کي باھ ڏئي سندس معصومن ڀيڻ ڀاءُ 5 ورهين جي ضميران جتوئي  ۽  6 ورهين جو عجيب جتوئي کي زنده ساڙي مارڻ جي الزام هيٺ آيل جوابدارن غلام حيدر ولد پنهون جتوئي، علي گل ۽ علي گوهر پٽ لال محمد جتوئي، حسين ولد مسو جتوئي، لياقت ولد شفيع محمد جتوئي ۽ الھه بخش ولد مکڻ جتوئي جي سنڌ ھاءِ ڪورٽ حيدرآباد بئنچ ضمانت رد ڪري کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي، معصوم ٻارڙن جي ماءُ مسمات وزيران جتوئي ۽  پيءُ اقبال جتوئي ءَ ٻين عزيزن ميڊيا آڏو اڀ ڏاريندڙ رڙيون ڪندي چيو ته عدالت سڳوري بي درديء سان اسان جي معصومن کي ساڙي ماريندڙ جوابدارن جي ضمانت رد ڪري کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو آهي مگر قاضي احمد پوليس کين گرفتار ڪرڻ کان لنوائي رهي آهي،ٻه ڀيرا پهريان به ضمانتون رد ڪري کين گرفتار ڪرڻ جو حڪم ڏنو هو، مگر جوابدار بااثر هجڻ ڪري قاضي احمد پوليس ساڻن ٻٽ بڻيل آهيجڏهن ته ايس ايڇ او قاضي احمد مقصود رضا مڱڻھار موقف اختيار ڪندي چيو ته سنڌ ھاءِ ڪورٽ جي اهڙي ڪنهن به فيصلي يا آرڊر جو اسان کي علم ناهي. باقي وارثن يا ڪورٽ سڳوري طرفان اهڙو ڪو ليٽر جاري ٿيندو ته اسان ضرور ڪارروائي ڪنداسين.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.