ٺل ۾ شاهينگ واپاري کان 7 لک ٺڳي ويا

ٺل (ن ع آ) ٺل ۾ بدامني وڌي وئي،اناج جي واپاري کان شاهينگ 7 لک روپيه ٺڳي ويا،پوليس خاموش بڻيل، شهرين پاران شهر ۾ امن  بحال ڪرائڻ جي گهر،خبر موجب ٺل ۾ بدامني وڌي وئي آهي،ٺل جي اي سيڪشن ٿاڻي جي حد دريا خان کوسو چوڪ وٽ قائم حفيظ الرحمان سومرو جي اناج جي دوڪان تان ڪالهه نامعلوم شاهينگ 7 لک روپيه ٺڳي کڻي ويا،اناج جي واپاري دوڪاندارن ڏانهن سارين جو سودو ڪرڻ جي بهاني ڳالهين ۾ الجهائي سندس خاني ۾ پيل 7 لک روپيه ڪڍي فرار ٿي ويا،اطلاع ملڻ جي باوجود حد جي پوليس پاران ڪابه ڪاروائي ناهي ڪئي وئي، واپاري حفيظ الرحمان سومري ٻڌايو ته چار جوابدار چنگچي رڪشا ذريعي دوڪان تي آيا،جنهن مان ٻه ڄڻا مون سان سارين جو ريٽ ڳالهائي رهيا هئا جن کي مان ساريون چيڪ ڪرائي رهيو هيس ته ٻه ڄڻا منهنجي خاني ۾ پيل 7 لک روپيه کڻي فرار ٿي ويا،ٻئي طرف ٺل جي سڄاڻ ڌرين پاران وڌندڙ بدامني تي ڳڻتي جو اظهار ڪندي ايس ايس پي جيڪب آباد کان مطالبو ڪيو آهي ته شهر ۾ امن امان بحال ڪرايو وڃي،ٻئي صورت ۾ اسان سخت احتجاج ڪنداسون.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.