نئون ڪوٽ ۾ آپگهات جي ڪوشش ڪندڙ نوجوان اسپتال داخل

نئون ڪوٽ( ن ع آ  ) نئون ڪوٽ لڳ يوسي ڀٽارو واسي 22 سالا گلزار ولد سوڍو ڀيل گھران ڪاوڙجي جيت مار زهريلي دوا  پي  خودڪشي جي ڪوشش ڪئي زهريلي دوا پي خود ڪشي جي ڪوشش ڪندڙ  گلزار ڀيل کي فوري طور رورل هيلٿ سينٽر نئون ڪوٽ آندو ويو جتي فوري طور واش ڪري نلڪي ذريعي جسم مان  زهر ڪڍيو ويو ان سلسلي ۾ آر ايڇ سي نئون ڪوٽ جي ايم ايس ڊاڪٽر مهين الدين ٻڌايو تـ جلدي پهچي وڃڻ سبب زهر کي ڪڍي ورتو آھي.  جنهن بعد خودڪشي جي ڪوشش ڪندڙ 22 سالا شادي شده نوجوان جا مائٽ  کيس واپس ڳوٺ وٺي ويا.

قمبر لڳ ٻن ڌرين ۾ جهيڙو، 2 ڄڻا رتو رت

قمبر( ڊ ر ) قمبر جي مغيري برادري جي ٻن ڌرين ۾ پئسن جي ڏيتي ليتي تان جهڙو ٿي پيو لٺن مڪن سروٽن جي استعمال ۾ايوب مغيري ۽ الطاف مغيري سخت زخمي ٿي پيا،ٻنهي ڌرين جي زخمين کي قمبر جي سرڪاري اسپتال پهچايو،ٻنهي ڌرين مٿان جهڙي جي قمبر سٽي ٿاڻي تي اين سي داخل ڪري ڪئي وئي جڏهن ته آخري اطلاعن تائين ڪابه گرفتاري نه ٿي سگهي .

نئون ڪوٽ ڀرسان ٻن موٽر سائيڪلن ۾ ٽڪر، 2 ڄڻا زخمي

نئون ڪوٽ( ن ع آ ) وڄوٽو  ٿاڻي جي حد نئون ڪوٽ مٺي روڊ تي اعواڻ پيٽروليم اڳيان آمھون سامھون ٻن موٽرسائيڪلن جو ايڪسيڊنٽ  سبب ممتاز ولد لکاڏنو پاڙھو ۽ لڇمڻ ڀيل شديد زخمي ٿي پيا ٻنھي زخمين کي فورن وڄوٽو  پوليس رورل ھيلٿ سينٽر پھچايو زخمين کي آر ايڇ سي نئون ڪوٽ مان ڳڻتي جوڳي حالت ۾ حيدرآباد ريفر ڪيو ويو آهي واضع رھي تـ ڄاڻايل پمپ جيڪو ھڪ غلط لوڪيشن تي ٺھيل آهي ۽ اتي حادثـ معمول بڻيل آهي ڪيترائي ماڻھون فوت ۽ زخمي بـ ٿيا آهن پمپ جي اڳيان ۽ پويان اسپيڊ بريڪر بـ نـ آهي۔  .

سوڀوديرو لڳ موٽر سائيڪل سوار هٿيار بندن گوليون هڻي همراهه کي زخمي ڪيو

سوڀوديرو ( ن ع آ )سوڀوديرو لڳ ڳوٺ ٽنڊو ميرڪرم خان جو رھواسي کي ٻنڊي موٽايو نئون ڳوٺ روڊ ٽي نامعلوم ٽن   موٽرسائيڪل سوار  ھٿياربندن مسڪين علي شيخ کي ٽنگ ۾ گولي ھڻي فرار ٿي ويا زخمي کي سوڀوديرو اسپتال آندو ويو زخمي ٻڌايو ته ھڪ ھٿياربند کي سڃاتو آھي پوليس ھڪ ڄڻي قدير شيخ کي گرفتار ڪيو آ ھي ھنن ايس ايس پي کان گھر ڪئي ته جوابدار گرفتار ڪيا وڃن.

نئين ڳوٺ ويجهو واپارين کان 3 لک رپيا ۽ موٽرسائيڪل ڦر

نئون ڳوٺ (ن ع آ)شاھپنجو پوليس ٿاڻي جي حد ميھڙ سعدي موساڻي روڊ تي ڳوٺ مانجھي خان ڍلو  وٽان ميھڙ جي واپاري عدنان شيخ ۽ محمد سليم شيخ کان نامعلوم  ٽن ھثيار بندن 3 لک روڪ موٽر سائيڪل موبائيل فون ڦر ڪري فرار ٿي ويا.

ڪنڌڪوٽ ۾ ڀيڻ جي قاتل کي 10 سال قيد جي سزا

ڪنڌڪوٽ(ن ع آ)ڪنڌڪوٽ جي فسٽ ايڊيشنل سيشن جج ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ ڀيڻ کي قتل ۾ استعمال ٿيندڙ بندوق  هٿ ٿيڻ واري ڏوه ثابت ٿيڻ تي جوابدار کي 10 سال قيد جي سزا ۽ 20 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي آهي فسٽ ايڊيشنل سيشن جج ماڊل ڪرمنل ٽرائيل ڪورٽ سهيل احمد جتوئي جي عدالت جوابدار رجب علي پٽ رسول بخش کوسو کي 10 سال قيد ۽ 20 هزار ڏنڊ جي سزا ٻڌائي ڇڏي جوابدار رجب علي پنهنجي ڀيڻ رمينا کوسو کي قتل ڪيو هو ۽ جوابدار کان بندوق ۽ گوليون هٿ اچڻ وارو ڏوه ثابت ٿيڻ تي عدالت سزا ٻڌائي ڇڏي جوابدار خلاف پوليس اي ايس آءِ محمد رفيق سنجراڻي فريادي هو ۽ ڪيس ڪجه مهينن کان عدالت ۾ هلندڙ هو.

ڳڙهي ياسين ۾ پوليس جي ڪارروائي، چوري ٿيل ڪار هٿ

ڳڙهي ياسين ( ن ع آ ) پوليس جي نوشهرو ابڙو لنڪ روڊ تي چيڪنگ دوران چوري ٿيل ڪار هٿ ، جوابدار فرار ، هوڏانهن رابطو ڪرڻ تي ايس ايڇ او ڳڙهي ياسين گلزار  علي ٻرڙو ٻڌايو ته ڳاهيجا ٿاڻي جي حد مان زاهد کوسو کان ڦر ٿيل ڪار ناڪابندي ڪري نوشهرو ابڙو لنڪ روڊ تان هٿ ڪري ورتي ، جڏهن ته جوابدار فائرنگ ڪندا فرار ٿي ويا ، هوڏانهن آخري اطلاعن تائين واقعي جو ڪوبه ڪيس داخل نه ٿي سگهيو .

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.