راضيديرو واسي کي ٽرڪ جو ٽڪر، ٿڏي تي فوت

راضيديرو ( ن ع آ ) لاڙڪاڻو باءِ پاس روڊ تي درياءَ واري پل ڀرسان ٽرڪ ۽ موٽرسائيڪل وچ ۾ زوردار ٽڪر ٿي پيو، جنهن  جي نتيجي ۾ راضيديرو لڳ ڳوٺ محمد بچل ناريجو جو رهواسي موٽرسائيڪل سوار غلام قادر ناريجو سور نه سهندي  ٿڏي تي فوت ٿي ويو، جڏھن ته ٻيو سوار فرزند علي زخمي ٿي پيو. ان سلسلي ۾ موٽر سائيڪل تي سوار ڊرائيور فرزند علي ٻڌايو ته اسان لاڙڪاڻي کان پنهنجي ڳوٺ محمد بچل ناريجو طرف اچي رهيا هئاسين ته ٽرڪ ڊرائيور جي لاپرواهي سبب حادثو پيش آيو. ٻئي طرف لانڍيون ٿاڻي جي حد جي پوليس واقعي واري هنڌ پهچي ڪري ٽرڪ ۽ سندس ڪلينر کي پنهنجي تحويل  ۾ وٺي ڇڏيو آهي، جڏھن ته ڊرائيور فرار ٿيڻ ۾ ڪامياب ٿي ويو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.