ٺٽي ۾ جي اسپتال ۾ هڙتال سبب ويم دوران ٻار فوت

ٺٽو(ڊ ر)ٺٽي شھر لڳ ڳوٺ موٽيو ڇٽو جي رھواسي عبدالشڪور ڇٽو جي گھر واري کي ڊليوري لاء سول اسپتال مڪلي جي گائني  وارڊ ۾ صبح جي وقت اندو ويو، پر صحت کاتي جي ملازمن پاران ڪيل احتجاج سبب ڊليوري لاء آيل عورت کي گائني وارڊ ۾ شفٽ نہ ڪيو ۽ عورت 4 ڪلاڪن تائين تڪليف ۾ رھڻ بعد گائني وارڊ جي گيٽ وٽ ٻارڙي کي جنم ڏنو، جيڪو پڻ فوت ٿي ويو. جنھن بعد عورت جي وارثن اسپتال انتظاميہ ۽ ڊاڪٽرياڻين جي غفلت خلاف احتجاج ڪري الزام ھڻندي ڊليوري لاء آيل عورت جي مڙس عبدالشڪور ڇٽو ۽ ٻين وارثن عبدالعزيز، حنيف، عبدالمجيد، مقبول ڇٽو ۽ ٻين چيو تہ اسان صبح سويل سول اسپتال مڪلي ۾ ڊليوري لاء آياسين، جتي صحت کاتي جي ملازم پاران جاري احتجاج سبب اسانکي گائني وارڊ ۾  به  شفٽ نہ ڪيو ويو ۽ 4 ڪلاڪن کانپوء اسانجي عورت گائني وارڊ جي گيٽ وٽ ويم ڪري ٻارڙي کي جنم ڏنو جنھن کي پڻ علاج جون بھتر سھولتون نہ ملڻ ڪري ھو پڻ فوت ٿي ويو آھي. ھنن گھر ڪئي تہ غفلت ڪندڙ عملي خلاف ڪاروائي ڪري ساڻن انصاف ڪيو وڃي.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.