ڪنڌڪوٽ ۾ اينٽي ڪرپشن جو خزاني آفيس تي ڇاپو

ڪنڌڪوٽ(ڊ ر )ڪنڌڪوٽ جي خزانا آفيس ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم پاران اوچتو ڇاپو هنيو ويو اينٽي ڪرپشن ٽيم ڊپٽي  ڊائريڪٽر عبدالستار ڀٽو اينٽي ڪرپشن لاڙڪاڻه،سرڪل آفيسر شاهد بشير کوسو،اسسٽنٽ سب انسپيڪٽر غلام محمد کوسو پاران ٽريزري آفيس ڪنڌڪوٽ ۾ ڇاپو هنيو ويو اينٽي ڪرپشن هيلٿ کاتي جي ملازمن لاءِ ڪرونا ريسڪ الائونس جا پئسا هيلٿ آفيس جي عملي ۽ ٽريزري آفيس جي عملي پاران ڪڍرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي تقريبن ڪرونا ريسڪ الائونس صحت کاتي جي ملازمن لاءِ آيل تقريبن 40 لک روپيا ٽريزري آفيس عملي ۽ صحت کاتي عملي پاران ڪڍرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي . جڏهن ته ساڳئي ئي کاتي صحت کاتي جي نيشنل پروگرام ۾ 2 سالن تائين ڪروڙين روپيا ڪڍرائڻ جو انڪشاف ٿيو آهي ان سلسلي ۾ اينٽي ڪرپشن ٽيم جي ڊائريڪٽر عبدالستار ڀٽو جو چوڻ هو ته ڊي ايڇ او هيلٿ آفيس جي عملي ۽ ٽريزري آفيس عملي جي ملي ڀڳهت سبب ڪوڙن ڊفرنس بل جي مد ۾ نيشنل پروگرام ۽ ٻين طريقن سان ڪروڙين روپيا جعلي بل ڪڍرايا ويا آهن هن چيو ته اهڙي ڪرپشن جي اطلاع ملڻ بعد ڪنڌڪوٽ جي خزانا آفيس ۾ ڇاپو هنيو ويو آهي هيلٿ کاتي ۾ ڪروڙين روپين جي ڪرپشن ڪرڻ جو انڪشاف ٿيڻ بعد ڪارواين جو سلسلو جاري آهي ۽ ملوث عملي خلاف سخت ڪاروائي ڪئي ويندي جڏهن ته اينٽي ڪرپشن جي ٽيم جي ڇاپي بعد ٽيزري آفيس مان صحت کاتي ۾ ڪيل ڪرپشن جو رڪارڊ اينٽي ڪرپشن ٽيم پنهنجي تحويل ۾ وٺي ڇڏيو آهي

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.