حيدرآباد مان کنڀيل راشن حسين جي آزادي لاءِ احتجاج

حيدرآباد(رپورٽر) حسين آباد جي رهواسڻ عائشا ڪانڌڙو پنهنجي پٽن آصف علي ۽ ساجد علي  سان گڏ حيدرآباد پريس ڪلب سامهون احتجاج ڪندي چيو ته سندن پٽ راشد حسين کي 9 جون 2020 تي دڪان تان گهر واپس اچي رهيو هو ته کيس نامعلوم ماڻهو کنڀي کڻي ويا آهن، جنهن جو هن وقت تائين ڪو به پتو نه پئجي سگهيو آهي، هن ٻڌايو ته سندس پٽ درزڪو ڪم ڪندو آهي، هو ڪنهن به ڏوهاري سرگرمي ۾ ملوث ناهي رهيو. هن گهر ڪئي ته پٽ کي بازياب ڪرايو وڃي.17

دڙو واسي نوجوان بلوچستان مان گم، وارث پريشان

دڙو( ن ع آ) دڙي واسي پورهيت بلوچستان جي پسني واري علائقي مان پراسرار نموني گم تفصيل موجب :دڙي ويجهو بلوچستان جي  Sعلائقي پسني ۾ 15 اڳ لانچن تي مڇي مارڻ لاءِ مزدوري جي سلسلي ۾ ويل ڳوٺ گل ملاح جو رهواسي نوجوان پورهيت رمضان ملاح پراسرار نموني گم ٿي ويو آهي جنهن ڪري سندس وارث سخت پريشان ٿي ويا آهن ان ڏس ۾ پراسرار نموني گم ٿي ويل پورهيت جي ڀاءُ بلاول ملاح ٻڌايو تہ سندس ڀاءُ ڪينجهر ڍنڍ تان مختلف ماڻهن سان گڏ مڇي مارڻ لاءِ لانچن تي بلوچستان جي علائقي پسني ويو پر 15 ڏينهن گذرڻ باوجود اڃا واپس نہ موٽيو آهي جڏهن تہ ساڻس گڏ ويل ماڻهن اسان کي فون ڪري ٻڌايو تہ رمضان ملاح هفتو اڳ اسان کان ڀاڙي جا پئيسا وٺي واپس گهر روانو ٿي ويو آهي .

حيدرآباد ۾ عدالتي حڪم تي 4 ڇوڪريون آزاد

حيدرآباد (رپورٽر) عدالتي حڪم تي پوليس حيدرآباد ۾ هڪ گهر تي ڇاپو هڻي 4 نوجوان ڇوڪرين کي بازياب ڪرائي ورتو آهي.  بازياب ٿيل ڇوڪرين جو تعلق پنجاب سان ٻڌايو پيو وڃي. ڀٽائي نگر ٿاڻي جي حد حيدرآباد ٽائون ۾ اهڙي ڪارروائي عمل ۾ آندي وئي.  پوليس موجب ڇاپي دوران ن، ا، ع ۽ پ کي بازياب ڪرايو ويو آهي. پوليس جو چوڻ آهي ته ماڊل ڪرمنل ٽرائل ڪورٽ نمبر 1 جي حڪم تي ڇوڪريون بازياب ڪرايو ويون آهي. ان سلسلي ۾ پارس بي بي نالي هڪ عورت عدالت ۾ درخواست ڏني هئي ته نثار احمد نالي شخص حيدرآباد ۾ بيوٽي پارلر جو ڪم ڪرڻ لاءِ 4 ڇوڪرين کي وٺي آيو ۽ حبس بيجا ۾ رکيو. بازياب ٿيل چئني ڇوڪرين کي  وومين پروٽيڪشن سيل منتقل ڪيو ويو آهي. جتان اڄ کين عدالت ۾ پيش ڪيو ويندو.

 

You might also like

Leave A Reply

Your email address will not be published.